بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) پاڪستان کوسا اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ سردار مير امتياز خان کوسو بدين جي نوجوان پوليس ھٿان شھيد ڪيل نوجوان رمضان کوسو جي وارثن وٽ ڪڍڻ ڀرسان ولھاري سندس ابائي ڳوٺ پير بخش کوسو پھچي شھيد رمضان کوسو جي وارثن سان تعزيت ڪئي، تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب چيو چيو ته کوسا ننڌڻڪا نه آھن، اسان سان ڪير ڳالھائي ته ڳالھائينداسين باقي کوسن کي پنھنجي حفاظت ڪرڻ اچي ٿي، ايس ايڇ او حسين بخش راڄڙ رمضان کوسو سڌو سنئون قاتل آھي پاڻ گرفتاري ڏيئي ڇڏي نه ته جسم تي کل به نه رھندس، وارثن کي موجوده جاچ ٽيم تي خدشا آھن اسان جي ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان وڏو اعلان ڪري ويھنداسين، عدالتن مان انصاف جي اميد آھي، قاتل بچي نه سگھندا شھيد رمضان کوسو بدين جو نه پر پوري سنڌ جو ٻچو ھو اگر ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ ڪوشش ڪئي وئي يا قاتل ايس ايڇ او کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ان جو نتيجو خراب نڪرندو، ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته خدا جي خوف کان ڊڄ قاتلن کي بچائڻ واري سازش توکي ڪم نه ايندي، مير نديم خان کوسو چيو ته قانون جي ڪابه شي نه آھي، ايس ايس پي کي فڪر نه آھي ايس ايڇ او تنھنجو دڙ به سسي کان ڌار ھوندو، ايس ايس پي رڳو ونگاري ويهاريا آھن عدالتون آھن اتان انصاف نه ملندو کوسو قتل ٿيندو ان جو پلاند ڪنداسين ايس ايڇ او کي گرفتار ڪيو وڃي اسان جا وار رمضان جا وارث آھيون، کوسا اتحاد پاڪستان جي صدر عبدالغفور آغا خان کوسو چيو ته پنجاب سنڌ جا کوسا رمضان کوسو سان گڏ آھيون سردار امتيازخان کوسو رمضان کوسو جو وارث آھي جر جھنگ ۾ کوسا گڏ ٿيا آھن تنھنجي جسم تي کل به نه ھوندي ايس ايڇ او تون نه رھندين، شھيد رمضان کوسو جو قاتل حسين بخش راڄڙ آھي ان قاتل سان جھڙو آھي باقي راڄڙ برادري سان ڪوبه اختلاف نه آھي جنھن به ان قاتل کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ان سان کليل جنگ آھي ، حسين بخش راڄڙ قاتل آھي شھيد رمضان کوسو جي خون سان انصاف ٿيندو حسين بخش راڄڙ خلاف زور ڌار نعرا لڳندا رھيا رمضان جا وارث آھيون پوري فيملي سان قوم گڏ آھي تعزيتي ميڙاڪي کي ڌرمحمد کوسو ۔ رضا کوسو ۔سھراب کوسو ۔عرفان کوسو ڪلوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.