عدليه آزاد ناهي. 26 هين ۽ 27 هين ترميمن خلاف ٻريل چڻنگ ڊي چوڪ تائين پهچندي:وڪيل اڳواڻ

لاهور(بيورو رپورٽ/م ڊ) لاهور ۾  26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ بار پاران آل پاڪستان  وڪيل ڪنوينشن طلب ڪيو ويو آهي، جيڪا لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي جاويد اقبال آڊيٽوريم ۾ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سينيٽر حامد خان، اڳوڻو صدر سپريم ڪورٽ بار علي احمد ڪُرد، ۽ صدر لاهور هاءِ ڪورٽ بار آصف نسوانه شرڪت ڪئي. ڪراچي بار جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن سبب جيڪا چڻنگ سڄي ملڪ ۾ دکي آهي، اها ڊي چَوڪ تائين ويندي. توهان جيڪا جنگ شروع ڪئي آهي، اسين ان جنگ جي خلاف آهيون.هن وڌيڪ چيو ته اڄ چولستان ۾ هڪ تحريڪ شروع ٿي رهي آهي۔ جيڪڏهن توهان جي گهر تائين پاڻي نه پهچي ته سمجهو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي توهان جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. اڳوڻي سيڪريٽري حيدرآباد بار ايڊووڪيٽ فيصل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن حضور ﷺ سان رڳو 313 به نڪرن ته به فتح مقدر هوندي آهي. ظلم خلاف نڪرڻو پوندو آهي، توهان ڇو نٿا نڪرو؟ سنڌ ۾ ڪنهن وڪيل تي هٿ پوي ته سڄي قيادت روڊن تي هوندي آهي، هتي خاموشي ڇو آهي؟ سڄو پاڪستان توهان جي خاموشي ڏسي رهيو آهي۔ ڇا هي خاموشي ڪنهن مصلحت تحت آهي؟ سڄو ملڪ هڪ سازش تحت پنجاب سان نفرت پيو ڪري ۽ توهان جي خاموشي ان تي مُهر لڳائي رهي آهي.اڳوڻي نائب صدر لاهور هاءِ ڪورٽ بار رابعا باجوا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر حسيب جمالي جن طاقتور حلقن خلاف کٽيو آهي، اسين ان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا۔ اڄ حڪمرانن هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي سرينڊر ڪيو آهي، اسين ان جي مخالفت ڪريون ٿا. رابعا باجوا وڌيڪ چيو ته ايمان مزاري سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا۔ جيئن هڪ وڪيل جو قتل ٿيو، اسين انهن جوابدارن خلاف آخري حد تائين وينداسين۔ باني پي ٽي آءِ کي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي نشانو بڻايو پيو وڃي۔ اسان کي هن معاملي تي عالمي فورمن تي وڃڻ گهرجي. ڳوڻي صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار رياست علي آزاد چيو ته اسين هميشه آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪئي آهي۔ اڄ سپريم ڪورٽ جا اختيار ختم ڪيا ويا آهن. ڪراچي بار جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته پوليس جي اها جرئت ڪيئن ٿي جو هڪ وڪيل جي گهر ۾ گهڙي کيس شهيد ڪري؟ اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو اسان جي قيادت وڪرو ٿي چڪي آهي۔ اڄ جيڪڏهن جوابدارن کي ڇڏي ڏنو ويو ته سڀاڻي توهان جو قتل ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميمن کان پوءِ چيمبر مافيا کان جان ڇڏائڻ جو نالو وٺي پنهنجا وفادار پيدا ڪيا ويا۔ ڪنٽرولڊ جوڊيشري اچي وئي آهي، انصاف جو قتل ٿي چڪو آهي۔ اڄ ججن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ماڻهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. عامر نواز وڙائچ چيو ته هڪ جسٽس سنڌ ۾ حڪم ڏنو ته ايس پي کي تبديل ڪيو وڃي، نتيجي ۾ ان جسٽس جي ئي بدلي ڪئي وئي، اڄ ڪا آزاد عدليه ناهي، سڀ غلام بڻجي ويا آهن.سنڌ بار جي ميمبر ڪي بي لغاري چيو ته 28هين ترميم جي تياري به ٿي رهي آهي۔ اسين جيڪي هتي چئي رهيا آهيون، اسين پاڪستان جي خلاف ناهيون۔ اسين چئون ٿا ته نظام کي ٺيڪ ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.