ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس يوسف علي سعيد ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سنڌ پوليس کي ڏنل ملڪيتون خانگي ماڻهن کي خالي ڪرائڻ واري فيصلي کي سکر جي رهواسي شيخ محمد سلمان ملڪيت خالي ڪرائڻ جي نوٽيس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو،عدالت ملڪيت خالي ڪرائڻ جي نوٽيس کي معطل ڪرڻ جي زباني درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس مبين لاکي چيو ته زمين پوليسنگ جي مقصدن لاءِ سنڌ پوليس کي الاٽ ڪئي وئي هئي، جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته سپريم ڪورٽ پوليس بدران پوليس جي مقصدن لاءِ زمين استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سپريم ڪورٽ سڄي صوبي ۾ پوليس کي ڏنل زمين ۽ ملڪيتون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڪيئن معطل ڪري سگهي ٿي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڪجهه درخواستن تي ملڪيتون خالي ڪرائڻ جي ڪارروائي کي روڪيو آهي، درخواست گذار پوليس کان دڪان ڪرائي تي ورتا هئا ۽ ڪرايو ادا ڪري رهيو آهي، عدالت چيو ته اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، اسان جا هٿ ٻڌل آهن، توهان خالي ڪرائڻ جي نوٽيس کي معطل ڪرڻ چاهيو ٿا ته دڪان، پوءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪريو.