ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني عدالت جي جسٽس عدنان اقبال چورڌي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪمند جي وقت سر پڙهائي نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، سنڌ آبادگار اتحاد صدر مير زبير ٽالپر ۽ سيڪريٽري زراعت، شگر ڪين ڪمشنر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا ، درخواست گذار جي وڪيل مريد علي شاهه چيو ته سيڪريٽري زراعت ۽ ڪين ڪمشنر جي بيانن ۾ تضاد آهي، ڪين ڪمشنر چوي ٿو ته 5 شگر ملز پيڙائي شروع ڪئي آهي، سيڪريٽري زراعت چوي ٿو ته 16 شگر ملن پيڙائي شروع ڪئي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي زراعت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪين ڪشمنر کي حڪم ڏنو ته سڀ شگر ملن جون اڳڀرائي رپورٽون پيش ڪيون وڃن، عدالت ٻاهران سنڌ آبادگار اتحاد جي اڳواڻ نواب زبير ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شگر ملز مافيا جي سراسر ناانصافي آهي، وقت سر پيڙائي شروع نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿي آهي، سيڪريٽري زراعت ۽ ڪين ڪمشنر دعويٰ ڪري رهيا آهن ته 20 شگر ملون هلي ويون آهن پر ائين ناهي، هن وقت کنڊ قيمت 2سئو رپيا آهي هڪ مڻ ڪمند مان 10 ڪلو کنڊ ٺهي ٿي پر هڪ مڻ ڪمند جي قيمت 400 رپيا آهي .