اين ايف سي ۾ سنڌ کي مڪمل حصو ملڻ گهرجي:ڪاشف شيخ

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ جي بجلي، گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلي سميت سنڌ جي وسيلن تي پهريون حق سنڌ جو قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي پنهنجو مڪمل حصو ڏنو وڃي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ گئس پنڊي وارن تائين پهچي ٿي، ٿر مان ٺهندڙ بجلي مان ٻئي صوبي جا ڪارخانا هلن ٿا، پر سنڌ واسي بجلي توڙي گئس جي لوڊشيڊنگ جو عذاب  ڀوڳي رهيا آهن، آخر اهو ”انڌيرنگري ۽ چرٻٽ راڄ“ واري صورتحال ڪيسيتائين جاري رهندي. سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار تي مُراد علي شاه حڪومت جي خاموشي قابل مذمت عمل آهي. هن چيو ته قيمتي زرعي زمينن جي ولار کان وٺي ڪارونجهر جي ڪٽائي تائين پ پ سرڪار سنڌ جي سودي بازي م ملوث آهي. جنهن کي تاريخ ۽ سنڌ جو عوام هرگز معاف ڪونه ڪندو. سنڌ مان نڪرندڙ گئس، ڪوئلي ۽ بجلي جو سنڌ واسين کي ڪوبه فائدو نٿو ڏنو وڃي ايستائين جو تيل ۽ گئس ڪمپنيون مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.