سي ڊي ايف معاملو: نواز شريف جون سويلين بالادستي لاءِ ڪوششون؟

اسلام آباد (اسد طور) چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ دير جي ڪري اهم ڌريون صورتحال تي نظر رکي رهيون آهن. صحافي حسن ايوب موجب، جي ايڇ ڪيو ۾ جوائنٽ فورسز گارڊ پاران تقريب جي ريهرسل ڪئي آهي، جيڪا ايندڙ هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿي ويندو. ممڪن آهي ته نئون سي ڊي ايف ڪمان سنڀالي. پر جيڪڏهن نوٽيفڪيشن نٿو اچي ته مطلب راند اڃا جاري آهي.  حسن ايوب ڪجهه ڪلاڪن بعد ٻيهر ٽوئيٽ ڪري وڌيڪ واضح ڪيو ته غور هيٺ نوٽيفڪيشن ڪنهن نئين مقرري جو اعلان نه هوندو پر سي ڊي ايف هيڊ ڪوارٽر جي قيام بابت هوندو، جيڪو اڳوڻي جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر جي جاءِ تي هڪ  واضح دائرو رکندڙ ادارو هوندو. سندس مطابق، ٽي او آرز، انتظامي طريقيڪار ۽ اختيارن جي منظوري هڪ ٽيڪنيڪل عمل آهي، جيڪو مڪمل صلاح مشوري ۽ پارلياماني رهنمائي هيٺ اڳتي وڌي رهيو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته نوٽيفڪيشن رڳو عهدو نه پر اداري جو ڍانچو آهي، ٽي او آرز ۾ سي ڊي ايف جا اختيار، دائرو، چين آف ڪمانڊ وغيره بحث هيٺ آهن. پارليامينٽ به ڪٿي نه ڪٿي ان عمل ۾ شامل آهي، ممڪن آهي ته قانونن يا رولز ۾ تبديليون ڪيون پيون وڃن.  پهريان اهو تاثر هو ته چيف آف ڊفينس فورسز ٽنهي فوجن جو سڌي ريت سربراهه هوندو پر شايد هاڻي معاملو سادو ناهي، لڳي ٿو ته سي ڊي ايف جا اختيار محدود ڪيا پيا وڃن ۽ ڪٿي نه ڪٿي وزيراعظم جو اختيار وڌايو پيو وڃي.  ائين لڳي ٿو ته هي عهدو تخليق ڪري نواز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير جي طاقت کي محدود يا توازن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ته جيئن چيف آف ڊفينس فورسز وڌيڪ ڪو آرڊينيشن، سيريمونيل عهدو هجي، اصل فوجي طاقت وائيس چيف آف آرمي اسٽاف وٽ هجي، نيشنل اسٽريٽجڪ فورس لاءِ ڌار فور اسٽار ڪمانڊر هجي. اهڙي ريت فوج جي اندروني ڪمانڊ ورهائجي وڌيڪ سويلين ڪنٽرول جي قابل ٿي ويندي.  تاريخ ۾ ڏٺو ويو آهي ته اصل طاقت هميشا آرمي چيف وٽ رهندي آهي ان لاءِ جيڪي جنرل صدر بڻجندا آهن اهي آرمي چيف جو عهدو پاڻ وٽ ئي رکندا آهن. جيڪڏهن مستقبل ۾ آرمي چيف رڳو چيف آف ڊفينس فورسز جهڙي عهدي تي ويهندو ته هيٺان وائيس چيف اصل فورس هلائيندو ته طاقت ۽ اثر واضح طور تي گهٽجي ويندو.  ممڪن آهي نواز شريف ان ئي سويلين اسپيس جي بحالي چاهيندو هجي جيڪا گذريل 7 کان 8 سالن کان ختم ٿي رهي هئي. پر ڇا هو ان ۾ ڪامياب ٿي ويندو؟ اها تڏهن خبر پوندي جڏهن نوٽيفڪيشن ايندو، ان ۾ ڇا هوندو، ڇا وائيس چيف جو عهدو ٺاهيو ويندو؟ نيشنل اسٽريٽجڪ فورس جو سربراهه ڪير هوندو؟ نئين چين آف ڪمانڊ ڪيئن ڪم ڪندي؟ اهو ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.