اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت به ڪرپشن تي آءِ ايم ايف جي رپورٽ کي حڪومت چارج شيٽ قرار ڏنو آهي ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ 31 ڊسمبر تائين ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جا الڳ الڳ اجلاس ٿيا، جن ۾ آءِ ايم ايف جي گورننس اينڊ ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ (GCD) رپورٽ جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو.ناڻي واري وزيرِ ڪميٽي کي 15 اهم سفارشن تي بريفنگ ڏني. سينيٽ ڪميٽي محمد اورنگزيب کي رپورٽ تي بريفنگ لاءِ طلب ڪيو هو، پر هو ڪنهن ٻئي اجلاس ۾ مصروف هجڻ سبب پيش نه ٿيو. بعد ۾ هو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ شامل ٿيا، جنهن جي صدارت نويد قمر ڪئي. حڪومت آءِ ايم ايف جي گورننس اينڊ ڪرپشن ڊائيگناسٽڪ رپورٽ کي چارج شيٽ قرار ڏيندي چيو ته ان تي عمل ڪرڻ لاءِ 31 ڊسمبر تائين هڪ جامع ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو. ناڻي واري وزيرِ ڪميٽي کي حڪمراني، ٽيڪس اوڳاڙي، ڪرپشن، ريگوليٽري معاملن ۽ قانون جي بالادستي جهڙن مختلف شعبن ۾ آءِ ايم ايف جي 15 اهم سفارشات کان آگاهه ڪيو.حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اهي سفارشن تي عملدرآمد لاءِ مختصر، وچولي، ۽ ڊگھي مدي واري ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ 6 مهينا، 18 مهينا ۽ 36 مهينا شامل هوندا. وزيرِ خزانه چيو ته 31 ڊسمبر 2025 تائين انهن سفارشت تي عملدرآمد جو روڊ ميپ تيار ڪيو ويندو. ان کان علاوه، حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ سال تائين سرڪاري آفيسرن جا اثاثا آن لائن ڪيا ويندا، جيئن انهن جي نگراني ۽ بدعنواني خلاف قدم کنيا سگهن.