ڪراچي جي وڌيڪ ڇهن شاهراهن تي رڪشن جي داخلا تي پابندي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ 1+2 ۽ 1+4 رڪشن جي داخلا تي پابندي وڌائي 20 اهم شاهراهن تائين لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪا   18 آڪٽوبر کان 17 ڊسمبر 2025 تائين موثر قرار ڏني وئي آهي، ڪراچي ۾ رڪشن جي پابندي جو دائرو وڌائي مجموعي طور 26 مرڪزي شاهراهن تائين ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ سرڪاري نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي۔ ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي شهر ۾ رڪشن جي آمدرفت محدود ڪرڻ جو باضابطه فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته شاهراهه فيصل کان آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين  رڪشن جي مڪمل داخلا تي پابندي فوري طور لاڳو ڪئي وئي آهي، ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي سيڪشن 144 تحت پابندي نافذ ڪري ڇڏي، جڏهن ته پابندي جي ڀڃڪڙي تي ايس ايچ اوز کي سيڪشن 188 تحت مقدما داخل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، لاڳاپيل ادارن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.