لاهور (امداد سومرو) قومي وسيلن جي ورڇ لاءِ سڀ کان اهم فورم، اين ايف سي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدارت وفاقي ناڻي واري وزير ڪئي ۽ چئني صوبن جي ناڻي وارن وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 6 کان 7 ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪي وسيلن جي ورڇ جي فارمولي ۾ تجويز ڪيل تبديلين جو جائزو وٺندا. صحافي مهتاب هڪ رپورٽ ڏني آهي. احسن اقبال جي وزارت هڪ رپورٽ ٺاهي آهي، تيار ڪيل رپورٽ اين ايف سي ايوارڊ جو ٻيهر جائزو وٺڻ موجب، هاريزينٽل ۽ ورٽيڪل فارمولن ۾ وڏيون ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. سفارشن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ، پاڻي جي حفاظت، سول آرمڊ فورسز ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ گرانٽس لاءِ پهرين مرحلي ۾ اڍائي سيڪڙو ڪٽوتي شامل آهي، جنهن کان پوءِ موجوده اين ايف سي ايوارڊ جو جيڪو فارمولو آهي، 57.5 ۽ 42.5 سيڪڙو ورڇ لاڳو ڪئي ويندي. رپورٽ ۾ وڌيڪ تجويز ڏني وئي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ اعليٰ تعليم جا خرچ (هائير ايجوڪيشن گرانٽ سميت) صوبن جي حصي مان ڪاٽيا وڃن، جنهن سان وفاق کي 11 کان 12 سيڪڙو واڌو فنڊ ملندا. آبادي جي معيار کي گهٽائڻ ۽ آمدني جي پيداوار، غربت ۽ زرخيزي جهڙن عنصرن جي معيار کي وڌائڻ لاءِ به تجويزون ڏنيون ويون آهن. پيش ڪيل ٽن آپشنن ۾ آبادي جي معيار کي 82 سيڪڙو کان گهٽائي 78، 68 يا 60 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز شامل آهي، جنهن سان پنجاب جو حصو گهٽجڻ جو امڪان آهي. جيئن ته پنجاب جي آبادي وڏي آهي ته ان جو بي آءِ ايس پي جو به سٺو حصو گهٽجندو. آبادي جي معيار کي گهٽائجي ته هن وقت پنجاب کي 51 ڏهائي 74 حصو ملي رهيو آهي، پهرئين فارمولي موجب سندس حصو 44 ڏهائي 73 ٿي سگهي ٿو، ٻئي موجب 47 ڏهائي 26 ۽ ٽئين موجب 41 ڏهائي 89 ٿي سگهي ٿو. اهڙي ريت پنجاب کي 3 کان 11 سيڪڙو تائين نقصان ٿيندو. رپورٽ موجب سنڌ جو حصو وڌيڪ نه ڪٽجندو، معمولي فرق پوندو. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي فائدو ٿيندو. هاڻي ان تي ڪيئن عمل ٿيندو، اهو بعد ۾ خبر پوندي.