چانڊلر گورننس انڊيڪس ۾ پاڪستان جي 16 درجا تنزلي

اسلام آباد(امتياز گل) شنگھائي مان ناليواري تجزئي نگار جاويد حسن  چيو آهي ته چين ۾  ڪافي ميٽنگون ٿي رهيون آهن ۽ هتي جا پاليسي ميڪرز ۽ اڪيڊمڪس لڳاتار پاڪستان بابت سوال پڇيندا رهن ٿا۔ اڄ به هڪ نئون انڊڪس نڪتو آهي ۽ ان بابت به مون کان پڇيو پيو وڃي اهو Chandler Governance Index (CGI) آهي۔ ان موجب پاڪستان، جيڪو اڳ 120 ملڪن مان 93هين نمبر تي هو، هاڻي 109هين نمبر تي اچي ويو آهي،يعني 16 درجا هيٺ اچي ويو آهي،هن چيو ته چين، جيڪو دنيا جي وڏي معاشي طاقتن مان آهي ۽ 1.4 ارب آبادي رکي ٿو، اڃا تائين 41هين نمبر تي آهي۔ ڀارت 67هين، بنگلاديش 95هين نمبر تي آهي۔. هن چيو ته CGI انتهائي ڊيٽا ڊريوَن انڊيڪس آهي، جنهن ۾  قيادت ،سياست ۽ قانون، ادارا،مالي نظم ضبط، ڪاروباري ماحول،عالمي اثر،عوامي فلاح شامل آهن،هن چيو ته پاڪستان ۾ تقريباً هر شعبي ۾ ڊگريڊيشن ٿي آهي۔توهان ڏسو: ٽي سال اڳ اسان 96 نمبر تي هئاسين، هاڻي 109 تي۔ادارن جي اسڪور ۾ به 92 تان 106 تي وڃي پهتاسين،ان جي ابتڙ چين هر ميدان ۾ آهستي ۽ مسلسل بهتري ڪري رهيو آهي،هن چيو ته پاڪستان هڪ بي مثال زوال آهي، ۽ هر هڪ انگ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ صحيح رخ تي نه ٿو هلائي وڃي،هن چيو ته پنڊي–اسلام آباد جا لکين ماڻهو ميچن جي ڪري بندشون، پريشانيون ڀوڳين ٿا۔جيڪڏهن هر جاءِ بندوق جي پهر ۾ هجي، ڇا ڪو سيڙپڪار اعتماد ڪندو؟ هن چيو ته 67 هزار انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري 3500 کان 4 هزار دهشت گرد مارڻ جي سرڪاري دعويٰ آهي،اها شماريات ٻين ملڪن کي متاثر نٿي ڪري،هي ملڪ بابت انتهائي منفي تاثر پيدا ڪن ٿيون۔جنهن ملڪ ۾ شهر شهر ۾ فوجي طرز جو بندوبست هجي، اهو سرمايه ڪاري لاءِ پرڪشش ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟جاويد حسن چيو ته چين جهڙي اعليٰ معياري ۽ پراعتماد سوسائٽي  ۾ ماڻهو پنهنجو پرس، ليپ ٽاپ به وساري ڇڏين، پوءِ به واپس ملي ٿو۔پر پاڪستان ۾؟هتي ته عدالتن ۾ ائين فيصلا ٿين ٿا جو عقل حيران ٿي وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.