ڪابل(م ڊ) افغان طالبان پرڏيهي وزيرِ امير خان متقي چيو آهي ته پاڪستان کي اهو حق ناهي جو هو ٻين ملڪن سان لاڳاپن ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. امير خان متقي چيو ته پاڪستان ۾ فيصلا ڪرڻ ۽ حڪمن جو اختيار ڪنهن هڪ فرد يا انتظاميا وٽ ناهي. اُتي فيصلا سازي جو ڪو هڪ مرڪز ناهي، يعني پاڪستان ۾ حڪمران ڪير آهي ۽ فيصلا ڪير ڪندو آهي، اهو واضح ناهي، هن چيو ته توهان کي پڇڻ گهرجي، ڇا اسحاق ڊار جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، ان مان ڇا مراد آهي؟ جڏهن هن چيو ته ’مون آرمي چيف ۽ وزيرِ اعظم کان اجازت ورتي آهي،‘ اهو ڇا مطلب آهي؟ هن ملڪ ۾ ڪيترا حڪمران آهن؟ متقي وڌيڪ چيو ته افغانستان پاڪستان سان رواداري جو مظاهرو ڪيو آهي، پر پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغانستان جي علائقائي سلامتي تي حملو ڪيو، واپاري رستن کي بند ڪيو ۽ افغان پناهگيرن کي مختلف بهاني سان تنگ ڪيو.