اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ع آ نيوز) يارهين اين ايف سي اجلاس ۾ وسيلن جي ورڇ تي ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وفاقي حڪومت مالي مطالبا مڃڻ بدرانِ صوبن کان خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، جنهن تي سنڌ تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن پر فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ٽيڪس اوڳاڙين مان 5 سيڪڙو صوبن کي ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جا وڏا وزير ناڻي واري وزير طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان جا ناڻي وارا وزير ۽ خانگي ميمبر به اجلاس ۾ موجود هئا. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب قومي معاملن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ لاءِ ورڪنگ گروپ قائم ڪيا ويندا، صوبن ۾ ٽيڪس وصولي جي معاملي تي پڻ ڪم ڪندڙ گروپ قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته اڳوڻي فاٽا جي خيبر پختونخوا ۾ ضم ٿيڻ ۽ فنڊن جي تعين لاءِ پڻ هڪ گروپ ٺاهيو ويندو. وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ بابت اٽارني جنرل کان راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو . اين ايف سي اجلاس ۾ سنڌ وفاق کي خرچن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وزير اعليٰ مراد علي شاهه پنهنجو موقف پيش ڪيو ته اهو ريونيو جو فورم آهي، خرچن جو نه آهي. ذريعن موجب، وفاقي حڪومت هن وقت صوبن جي فنڊن ۾ ڪا گهٽتائي جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر ايف بي آر ٽيڪس وصولين مان 5 سيڪڙو صوبن کي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جو پختو ارادو آهي ته هن ڀيري ايوارڊ آندو ويندو. اسان جي پهرين ترجيح هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ آهي. وفاقي حڪومت هتي صوبن جي موقف کي ٻڌڻ لاءِ موجود آهي، ۽ اميد آهي ته صوبا هڪ ٻئي سان تعميري تعاون جي جذبي سان اڳتي وڌندا. صوبن طرفان نيشنل فسڪل پاليسي تي صحيح ڪرڻ قابل تعريف آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، اين ايف سي بابت خدشن جو حل مخلصاڻي ۽ شفاف ڳالهه ٻولهه آهي، اڄ اسان هتي کليل ذهن ۽ بنا ڪنهن تعصب جي موجود آهيون، اسان جي پهرين ترجيح هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ آهي، وفاقي حڪومت صوبن جي موقف ٻڌڻ لاءِ موجود آهي ۽ اميد آهي ته صوبائي نمائندا به گڏيل سهڪار ذريعي اڳتي وڌندا. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ 6 کان 7 ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي فاٽا بابت الڳ ورڪنگ گروپ پڻ ٺاهيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس 8 يا 15 جنوري تي ٿيندو. اجلاس کان پوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته ورڪنگ گروپ مالي معاملن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا. هوڏانهن رٿابندي واري وزارت ٻن نون طريقن تحت وسيلن جي ورڇ بابت تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون آهن. پهرين تجويز موجب، ورڇ جوڳي اوڳاڙين مان دهشتگردي خلاف جنگ، پاڻي جي تحفظ، سول آرمڊ فورسز ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي گرانٽس لاءِ اڍائي سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ 57.5 سيڪڙو حصو صوبن کي ۽ 42.5 سيڪڙو وفاق کي ملندو. ٻي تجويز موجب، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جا خرچ ورڇ جوڳي اوڳاڙين مان پهريان ڪڍيا وڃن، جنهن سان 2030 تائين وفاق جي وسيلن ۾ 11 کان 12 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. ان کانسواءِ صوبن جي وچ ۾ اين ايف سي ورهاست ۾ آبادي جي وزن کي گهٽائڻ ۽ ان جي مقابلي ۾ ريوينو جنريشن، زرخيز علائقن ۽ فاريسٽ ڪور جهڙن عنصرن کي وڌائڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.