لانڍي ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري کي باهه، عمارت ڪري پئي، 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي،  جنهن سبب عمارت ڪري پئي، ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، باهه ٽي ماڙ واري فيڪٽري کي لپيٽ ۾ ورتو، عمارت ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 2 فائر فائٽرز زخمي ٿيا آهن، فائربريگيڊ جون 12 کان وڌيڪ گاڏيون ۽ اسنارڪل ٽيمون باهه وسائڻ ۾ لڳل رهيون، ترجمان موجب باهه جي شدت تيز هئي، فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 واٽر ڪاريپوريشن کان فوري مدد طلب ڪئي، واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب لانڍي هائيڊرنٽ تي ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شيرپائو هائيڊرنٽ تي ٽينڪرز اسٽينڊ باءِ تي الرٽ تي رکيا ويا آهن، فوري طور تي واٽر ٽينڪرز واقعي واري هنڌ موڪليا ويا، چيف فائر آفيسر همايون احمد موجب باهه کي ٽئين درجي جي قرار ڏنو ويو آهي ۽ شهر جي سڀني حصن مان فائر ٽينڊرز طلب ڪري باهه تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.