نيپا سانحي جا اسان سڀ ذميوار آهيون،22 ٻار فوت ٿيڻ انتظامي ناڪامي جو بدترين مثال آهي:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سانحي نييپا چورنگي جي دردناڪ واقعي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته حادثي بعد فوراً سڀئي ادارا هڪ ٻئي تي ذميواري وجهڻ ۾ مصروف ٿي ويا. ڪو چئي رهيو هو اها لائين هئي، ڪو ٻيو ڪجهه ٻيو چئي رهيو هو، پر سنڌ حڪومت جو موقف واضع آهي ته جيڪا به لائين هجي، جنهن به ذميوار کي کليل مين هول جي ڄاڻ هئي، سو ئي قصوروار آهي ۽ ڪو به هن غفلت کان بري الذمه نٿو ٿي سگهي. صوبائي وزير  اعتراف ڪيو ته حادثي بعد ڪنهن به اداري وقت سر پنهنجو ڪم نه ڪيو ۽ نه ئي فوري امدادي ڪارروائي ٿي، ۽ اها ئي دير هڪ معصوم زندگي جي ضايع  ٿيڻ جو سبب بڻي. هن ٻڌايو ته ھلندڙ سال کليل مين هولن ۽ گٽرن ۾ ڪري فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 22 تي پهچي چڪو آهي، جيڪو ميونسپل ڪاميٽي ۽ يونين ڪائونسل جي انتظامي ناڪاميءَ جو بدترين مثال آهي۔ ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته ميئر ڪراچي پاڻ سوڳوار خاندان وٽ پهچي معافي گهري، هن چيو ته قيادت واضح حڪم جاري ڪيا آهن ته سڀئي ٻيا ڪم ڇڏي شهر جي سڀني مين هولن جي فوري سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي ۽ هر حساس هنڌ تي اهلڪار مقرر ڪيا وڃن. ساڳي وقت ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 24 ڪلاڪن اندر شهر جي سڀني مين هولن جي مڪمل فهرست، سيڪيورٽي اسٽيٽس ۽ مرمتي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. هن چيو ته هاڻي جتي به ڪا ڪوتاهي ملي، اتي فوراً سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ذميوار اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف زيرو ٽالرنس اختيار ڪئي ويندي. ناصر حسين شاهه شهرين کي اپيل ڪئي ته جتي به کليل يا بنا ڍڪ وارو مين هول ڏسن، فوراً شڪايت داخل ڪن،هن چيو ته  اسان سڀ ذميوار آهيون ۽ هي واقعو سڄي مشينري لاءِ وڏو امتحان بڻجي چڪو آهي۔

کليل گٽر ۾ ابراهيم جي موت خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيپا چورنگي وٽ معصوم ٻار جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ ۽ هنگامي صورتحال ۾ ڪارڪردگي بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت  درخواستگذار جي وڪيل  کي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ تيار ٿي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سمورن کليل گٽرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ حفاظتي انتظامن بابت ڪهڙا ضابطا لاڳو ٿين ٿا؟  درخواست ۾ چيو ويو ته شهر جي سڀني ٽائون ڪاميٽي کان کليل گٽرن جا تفصيل طلب ڪرڻ گهرجن، برساتي نالن، گٽر نالن ۽ شهرين لاءِ خطرناڪ هنڌن جا تفصيل پڻ طلب ڪرڻ گهرجن، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سڀني ادارن کي هدايت ڪئي وڃي ته اهي شهرين لاءِ هڪ  مضبوط حفاظتي منصوبو تيار ڪن جيڪو هنگامي حالتن ۾ ڪارآمد ثابت ٿئي، متاثر ٿيل شهرين ۽ انهن جي خاندانن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، درخواست ۾ سنڌ جي گهرو سيڪريٽري، ميئر ڪراچي، ايم ڊي ڪراچي واٽر ڪارپوريشن ۽ چيئرمين گلشن اقبال ٽائون کي ڌر بڻايو ويو.

ڪراچي ۾ هڪ ٻي معصوم ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پئي:وڊيو وائرل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ کليل گٽر هڪ ڀيرو ٻيهر ٻارن جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي ويا، بلديه ٽائون ۾ هڪ ٻي معصوم  ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ صاف نظر اچي ٿو ته گٽر مٿان ڍڪ موجود نه هو جنهن سبب هي واقعو پيش آيو، هي واقعو گذريل ڏينهن بلديه ٽائون سيڪٽر 12 ڊي، يونين ڪائونسل 11 ۾ پيش آيو، پاڙيسرين بروقت ڪارروائي ڪندي ٻارڙي کي گٽر مان باحفاظت ڪڍي ورتو، علائقي واسين جو چوڻ هو ته نيپا چورنگي واري المناڪ واقعي کان پوءِ به بلدياتي ادارا غفلت مان نه جاڳي سگهيا آهن ۽ اڃا تائين کليل گٽرن تي ڍڪ لڳائڻ لاءِ ڪو سنجيده قدم نٿو ڏٺو وڃي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي سڀني کليل گٽرن جو فوري طور نوٽيس وٺي ڍڪ لڳايا وڃن ته جيئن اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.

ابراهيم جو موت: ايس ايڇ او گلشن اقبال کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت نيپا چورنگي وٽ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل 3 سالن جي ابراهيم  جي موت بابت ميئر ڪراچي ۽ ٻين ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڏنل درخواست تي ايس ايڇ او گلشن اقبال کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ ايڊووڪيٽ شيخ ثاقب احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته 3 سالن جي ابراهيم جي موت جو ڪيس ميئر ڪراچي ۽ ٽائون چيئرمين گلشن اقبال سميت ٻين تي داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، درخواست ۾ قتل باالسبب جو ڪيس داخل ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي، درخواست گذار موجب متاثر ٻار جي وارثن بلدياتي ۽ ضلعي انتظاميا تي بي ڌياني جو الزام لڳايو آهي، نامزد جوابدار پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ خراب انفرااسٽرڪچر سبب ننڍڙو ٻار حياتي وڃائي ويٺو، ريسڪيو عملو واقعي واري هنڌ تي وقت سر نه پهتو، ٻار جي ڳولا لاءِ وارثن 15 هزار رپيا خرچ ڪري نجي مشينري گهرائي، نااهل ۽ ڪرپٽ نظام جو نتيجو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي، پوليس کي حڪم ڏنو وڃي ته نامزد ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪري، عدالت ايس ايڇ او گلشن اقبال کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هر الزام جو جوابدار آهيان پر ڏوهاري ناهيان:مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر ۾ گٽرن جي ڍڪن جي گهٽتائي ناهي، ڍڪ لڳايا به وڃن ٿا پر چوري ٿي  وڃن ٿا، گٽر جي ڍڪنن جي چوري روڪڻ بابت گهرو وزير سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڳالهائيندي هن چيو ته اسٽور جي ٻاهران کليل گٽر مٿان ڍڪ نه هئڻ اسٽور لاءِ به وڏو سواليه نشان آهي، اسٽور انتظاميا نه پاڻ ڍڪ لڳايو ۽ نه ئي ڪنهن اداري کي شڪايت ڪئي، سرڪار سان گڏ شهري به پنهنجو ڪردار ادا ڪن، مرتضيٰ وهاب چيو ته مان ته هر ڳالهه ۾ جوابدار هوندو آهيان، پر ڏوهاري ناهيان، اسان نيڪ نيت سان ڪم ڪريون ٿا، صرف الزام هڻڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، 3 ورهين جي ٻار ابراهيم جي فوتگي تمام ڏکيو واقعو آهي، وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي، انساني مسئلن تي سياست بدران انسانيت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي،گٽر جي ڍڪن بابت شڪايت لاءِ 1334 هيلپ لائن شروع ڪئي آهي، شهري هيلپ لائن ذريعي واٽر بورڊ کي اطلاع ڏين، ڪوتاهين مان سکڻ گهرجي ته جيئن اهڙا واقعا مستقبل ۾ روڪي سگهجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.