اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)29 نومبر تي اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ پارليامينٽ ميمبر، سينيئر سول ۽ فوجي آفيسرن، تعليمي ادارن جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي۔. هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪجهه اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي۔ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ شامل ٿيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۾ اين اي 33 نوشهره مان ڪامياب ٿيل سيد شاهه احد علي، سينيٽر مشال يوسفزئي، ۽ خيبر پختونخوا جي صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر بابر سليم سواتي شامل هئا۔پي ٽي آءِ اڳواڻن جي هن ڪانفرنس ۾ شموليت کان پوءِ پارٽي سان واسطو رکندڙ ماڻهن طرفان ردِ عمل سامهون آيو ۽ تنقيد جو سلسلو شروع ٿي ويو۔سوشل ميڊيا تي تنقيد کان پوءِ انهن اڳواڻن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ وضاحتي بيان جاري ڪرڻ شروع ڪيا۔سينيٽر مشال يوسفزئي ايڪس تي لکيو ته مان عمران خان جي ورڪر ۽ سپاهي آهيان ۽ عمران خان جي ئي وفادار آهيان۔ اسان کي عمران خان ئي پارٽي ۽ پارلياماني نظم ضبط جو پابند بڻايو آهي۔ مون نه ڪا بريفنگ اٽينڊ ڪئي آهي، نه ڪنهن سان ڪا ملاقات ڪئي آهي،مشال يوسفزئي وڌيڪ چيو ته اسان جي عمران خان تائين رسائي ناهي ته جيئن اسان جو موقف هن تائين پهچي سگهي۔ جلد يا دير، جڏهن به ملاقات ٿيندي، حقيقت هن تائين پهچي ويندي،ر سيد شاهه احد علي به هڪس تي اهڙو ئي پيغام لکيو۔. ان کان اڳ خيبر پختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي اين ڊي يو ۾ وڃڻ بابت وضاحت ڪندي پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو: اين ڊي يو ۾ هن قسم جا بحث مباحثا ٿيندا آهن ۽ تقريباً هر ادارو جو سربراهه ايندو آهي، جتي ملڪ جي سيڪيورٽي بابت ڳالهيون ٿينديون آهن،جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري بيان ۾ چيو ويو ته اين ڊي يو ورڪشاپ ۾ پي ٽي آءِ جي ماڻهن جي شموليت شرمناڪ آهي۔ هڪ طرف اسين هر قسم جون سختيون سٺي رهيا آهيون، ٻئي طرف جڏهن اسان جا ئي ماڻهو اسان تي ظلم ڪندڙن سان سماجي لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مون کي انتهائي تڪليف ٿئي ٿي،هن وڌيڪ چيو ته وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏندڙ ماڻهن جي منهنجي پارٽي ۾ ڪا جاءِ ناهي۔ اهڙا ماڻهو تحريڪ انصاف جا ‘مير جعفر’ ۽ ‘مير صادق’ آهن۔”