انجنيئر محمد علي مرزا جي ضمانت منظور، فوري آزادي جو حڪم

لاهور / راولپنڊي (بيورو) هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ توهين مذهب ڪيس ۾ مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا جي ضمانت منظور ڪندي سندس فوري آزادي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صداقت خان ضمانت منظور ڪندي محمد علي مرزا کي 5، 5 لک رپين جي ٻه ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ انجنيئر محمد علي مرزا خلاف توهين مذهب جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو هو، ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار خلاف باقاعده فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي، فتويٰ کڻي ٽرائل ڪورٽ وڃو، هتي صرف ضمانت بابت دليل ڏنا وڃن، ثبوت ، تفصيل ۽ فتويٰ ٽرائل ڪورٽ ئي ڏسندي.ان ئي دوران انجنيئر محمد علي مرزا ايف آءِ اي جي جاچ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ الڳ درخواست پڻ داخل ڪري ڇڏي، ايڊووڪيٽ نبيل جاويد ڪاهلون جي ذريعي داخل درخواست ۾ ايف آءِ اي ۽ پنجاب قرآن بورڊ کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ محمد علي مرزا موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي نوٽيس جاري ڪرڻ بنا جاچ شروع ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تان ورتل وڊيو تي فتويٰ لاءِ فائيل پنجاب قرآن بورڊ ڏانهن موڪليو ويو، استدعا ڪئي وئي ته درخواستگذار خلاف جاري فتويٰ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ جاچ روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.