اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نومبر ۾ به برآمدات ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جيڪي نومبر 2024 جي مقابلي ۾ 15٪ گهٽ آهن،هي معاشي تباهي آهي،ساڍن ٽن سالن کان وزيراعظم بڻجڻ بعد به شهباز شريف کي اها سمجهه ناهي پئي ته برآمد ڪيئن وڌايون وڃن۔ پي ٽي آءِ حڪومت جي آخري سال ۾ برآمدات 25٪ وڌيون هيون،ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار مزمل اسلم لکيو ته شايد پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي ريمٽنسز (ترسيلات زر)برآمدات کان 50٪ وڌيڪ آهن۔ ريمٽنسز 3.6 ارب ڊالر آهن، جڏهن ته برآمدات رڳو 2.4 ارب ڊالر۔ ريمٽنسز لاءِ پرڏيهين کي ڪا به سبسڊي يا رعايت نٿي ملي، پر برآمدات لاءِ صورتحال مڪمل ابتڙ آهي۔