تازو پنجاب ۾ جيڪا ننڍي چونڊ ٿي آ اها اليڪشن به چورايل آهي. ن ليگ جي اڪثريت آخري پساهن ۾ آهي. پنجاب ۾ نه تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيارو ويو ۽ نه وري پي پي سوڀاري ٿي. ن ليگ پي پي سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. حالانڪه پنجاب ۾ ن ليگ جو صفايو ٿي چڪو آهي. پر چون ٿا ته ن ليگ تي وري به ڪنهن جي ڪري مهرباني ٿي آهي. ن ليگ نڪ جي پڪي آهي ڌانڌلي ڪري کٽڻ کان پوءِ وڏا وڏا جشن ملهايا ويا آهن. سيٽون کٽڻ حڪومت جي ڀلي ڪاميابي هجي پر ملڪ ۾ جيڪي حالتون هلي رهيون آهن. ان حوالي سان ڪير به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته ڪو ن ليگ سيٽون کٽيون آهن. سائين پاڪستان جي جمهوريت به ڏاڍي عجيب ۽ غريب چيز آهي. پاڪستان ۾ اڪثر ڪري جمهوريت جڏهن ايندي آ ته پاڻ سان گڏ عدل، انصاف، وقار ۽ اعتبار جي وڏي ڳنڍڙي ڀري کڻي ايندي آهي. پر جڏهن ويندي آهي ته سندس نڙيءَ تي لت يا سندس دم نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آ جمهوريت جي علامت يا سڃاڻپ بلڪه رياست جي سڃاڻپ سڀ ان سان گڏ پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏيندا آهن.
سو ن ليگ ننڍي چونڊ ۾ ارب روپين جا اشتهار هلايا. صحافين کي ڏوڪڙ ڏنا ويا. اليڪشن کٽڻ لاءِ پر وري به سندس کي رسوائي نصيب ٿي ڇاڪاڻ ته فارم 47 ۾ وڏي هير ڦير ڪئي ويئي. کٽائڻ وارا به ڪيتري ٽيڪ ڏيندا پنجاب ۾ ن ليگ هڪ مئل گهوڙو آهي. جيڪڏهن مضبوط پارٽي آهي ته پوءِ سري عام مقابلو ڇو ڪونه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇا پي پي پنجاب مان ختم ٿي چڪي آهي؟ بلڪل نه اڳ کان پي پي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي پنجاب ۾ ڄاڻي واڻي پ پ کي هارايو ويو آهي. جڏهن عوام جو ن ليگ مٿان اعتماد ختم ٿي ويو آهي ته پوءِ باقي ڀلي توهان ناچ گانا ڳايو ڪجهه ناهي ٿيئڻو. ماڻهن جي دماغي ڪيفيت ۽ نفسيات تبديل ٿي چڪي آهي. ماڻهو ڇا ڪن سندن طبيعت ن ليگ جي بياني سان ملي ئي ڪونه ٿي. وزيراعظم ۽ سندس ساٿي ڪيترا به دنيا جا دورا ڪن پر اهي هميشه بي اثر ثابت ٿيا آهن. تازو وزيراعظم بحرين جي دوري تي ويو. ناڪامي ملي، صرف ڪوڙيون صحيحون ڪيون ويون. دنيا جا سيڙپ ڪار پاڪستان مان نڪري ڀڄي رهيا آهن.
پاڪستان جون سياسي ۽ معاشي حالتون سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن. ترميمن ذريعي جمهوريت جا آثار به ختم ڪيا پيا وڃن. ان حالتن ۾ ماڻهن ۾ بيگانگي ۽ هڪ لاتعلقي پيدا ٿي رهي آهي. ماڻهون هاڻي ڪنهن به ڪوشش يا ڪنهن به واقعي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. وزيراعظم چوي ٿو ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ۽ بهتر آهي. پر سڀ ڪوڙ آهي. ملڪ ڏيوالپڻي طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي. يقين ڪيو وڃي ته پاڪستان ۾ ڀيانڪ آواز سان خطري جي گهنٽي وڄي رهي آهي آهي. سوشل ميڊيا تي لڱ ڪانڊاريندڙ ڳالهيون هلي رهيون آهن. ٿيندو ڇا؟ صورتحال پيدا ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ماڻهن جو رياست ۽ رياستي ادارن مٿان اعتبار گهٽ ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم جي ڳالهائڻ تي شڪ ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته 2018 جي اليڪشن ۾ وزيراعظم ڪوڙا واعدا ڪيا. سچ هڪ به نه ٿيو. عدالتن ۾ ٿيندڙ فيصلا ڪنهن اڻ ڄاڻ هنڌان لکجي اچن ٿا. غير سرڪاري تنظيمون به پنهنجو اعتماد عوام وڃائي چڪيون آهن. ملڪ ۾ جتي ڪٿي سچائي جون قبرون نظر اچن ٿيون. پاڪستان کي معاشي طور اهڙي ته تلوار لڳندي جو ان جو ازالو تمام ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. پاڪستان ۾ جمهوريت جي ٻرندڙ بتي کي وسامندي ڏسي رهيا آهيون. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ پاڪستان اهڙي ڪنهن به منظرنامي جي سٽ سهي ڪونه سگهندو. ان ڪري بهتر آهي ارڏائي، ڏاڍ ۽ تڪبر کي ڦٽو ڪرڻو پوندو. ورنه تاريخ ڪڏهن به معافي نه ڪندي ۽ رسوائي الڳ هوندي.
پاڪستان جا ماڻهو هن وقت تعليم، صحت، غربت ۽ بيرزوگاري سان جهيڙي رهيا آهن. اسان جي معاشري ۾ وڏي کوٽ اهيا آهي جو جنهن به اداري کان روزگار لاءِ قرض ورتو وڃي ٿو اهو وقت سر واپس نٿا ڪريون ۽ اهي پئسه اجايو ڪمن ڪارين ۾ خرچ ڪري ڇڏيون ٿا جنهن جي ڪري به اسان جي زندگي عذاب بڻجي وڃي ٿي. دنيا جا ملڪ حيران آهن ته پاڪستان جو نظام ڪيئن ٿو هلي؟ پنجاب جو عوام باقي صوبن جي عوام کان معاشي طور سڌريل لڳي ٿو. پنجاب جا ماڻهو جيڪڏهن قرض وٺندا آهن ته اهي روزگار ۾ ڏوڪڙ سيڙائن ٿا ۽ اسين آهيون ڀٽارا، قرض وٺي عياشيون ڪندا آهيون. پوءِ قرض ڏيڻ واري جو ڏوهه ڪهڙو آهي. پنهنجن وسيلن هوندي نظام ۾ ڪم ڪندي تبديلي آڻڻ جون ڪوششون ڪيون ته اهو ڪهڙو ڪم آ جيڪو ناممڪن کي ممڪن نه بڻائيندو هجي. اجايو حڪومتن تي الزام تراشي ڪيون ٿا. اچو خاموش انقلاب لاءِ ڪوششون ڪيون. اهوئي نور سحر جا تابناڪ اشارا آهن.