گولاڙچي ۾ ٻه معصوم ٻار پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري ٻڏي فوت

گولاڙچي (عيدن زندپور) گولارچي جي علائقي جي چڪ نمبر 17 ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ 2 معصوم ٻارڙا پاڻي ۾ٻڏي فوت ٿي ويا. مقامي ذريعن موجب، عبدالمجيد جو پٽ عبدالرحمان تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. ساڳئي حادثي ۾، هڪ معصوم ڇوڪري کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال گولارچي منتقل ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال پهچڻ تي ڇوڪري زنده هئي، پر طبي سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي سبب بروقت علاج نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ هوءَ به فوت ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.