- شروعات:
آمريڪا ۾ قائم ڪيل فريڊم ھائوس اداري طرفان 2024 جي آزادي انڊيڪس مطابق دنيا ۾ صرف 20 سيڪڙو ماڻهو آزاديءَ سان زندگي گذاري رھيا آھن؛ جڏهن ته 42 سيڪڙو ماڻهو ڪجھ آزاد ۽ باقي 38 سيڪڙو ماڻهو غير آزاد آهن. هن انڊيڪس مطابق 165 ملڪن مان پاڪستان 132 نمبر تي آهي.
انساني آزادي تاريخ جو هڪ وڏو معجزو آهي. ڇاڪاڻ ته انساني تهذيب، جيڪا تقريبن 6000 سالن تي ٻڌل آهي، ان ۾ صرف 400 سال اڳ انساني آزاديءَ جو تصور اُڀريو. ان بنياد تي آمريڪي انقلاب 1776 ۽ فرانس جو انقلاب 1789 برپا ٿيو، پر اڄ به 80 سيڪڙو ماڻهو بادشاهتن، فوجي جنرلن، مذهبي حڪومتن يا فاشسٽ نظام ۾ جڪڙيل آهن.
انساني آزاديءَ جي نظريي تي ڪيترن ئي فلاسافرن ڪم ڪيو آهي، جن ۾ جان لاڪ، جان جيڪس روسو، ايمانوئل ڪانٽ، جان اسٽوارٽ مل، هيگل، ڪارل مارڪس، سارتر، اسپنوزا، هايڪ ۽ ايزا برلن جا نالا قابلِ ذڪر آهن. يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ 17 هين صديءَ کانپوءِ آزاديءَ جي تحريڪ تمام گهڻو زور ورتو مثال فرانس آمريڪا کي 1886 ۾آزاديءَ جو مينار Statue of Liberty تحفي ۾ ڏنو، جيڪو نيويارڪ ۾ نصب ٿيل آهي.
ان ڏس ۾ آمريڪا جي 32 هين صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ 6 جنوري 1941 تي پنهنجي تقريرState of the Union Address ۾ دنيا جي هر ماڻهوءَ لاءِ چئن بنيادي آزادين جو پروگرام پيش ڪيو، جنهن ۾:
- اظهار جي آزادي
2، مذهبي آزادي، پنهنجي مرضيءَ سان مذهب مٽائڻ جو حق سميت.
- کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ غربت کان آزادي، کاڌو، رهائش، صحت ۽ نوڪري جو حق وغيره.
- خوف ۽ دهشت کان آزادي، جنگ، تشدد، ظلم کان محفوظ زندگي.
- آزادي جي عالمي سطح تي مانيٽرنگ:
عالمي سطح تي مختلف ادارا انساني آزاديءَ تي هر وقت نظر رکن ٿا ته ڪهڙي ملڪ ۾ انساني آزاديءَ جو معيار ڇا آهي. ان ڏس ۾ آمريڪا ۾ قائم ٿيل فريڊم هائوس 1973 کان وٺي هر سال آزاديءَ جي انڊيڪس پيش ڪندو رهي ٿو ۽ آمريڪا ۾ هڪ ٻيو ادارو ڪئٽو انسٽيٽيوٽ به آهي، ڪئٽو انسٽيٽيوٽ 1977 ۾ قائم ٿيو، هي فريزر انسٽيٽيوٽ سان گڏجي هيومن فريڊم انڊيڪس تيار ڪري ٿو، ڪئٽو اهو رومن سينيٽر هو جنهن آزاديءَ لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي، پر رومن ڊڪٽيٽر جوليس سيزر جي غلامي قبول نه ڪئي.
آزاديءَ سان لاڳاپيل انساني حقن متعلق ڪافي غير حڪومتي ادارا ڪم ڪن ٿا. جنهن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل لنڊن، هيومن رائيٽس واچ نيويارڪ، هيومن رائيٽس ڪائونسل اقوامِ متحده، جمهوريت انٽرنيشنل IDEA، قانون جي حڪمراني انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽ شامل آهن. هي سڀ ۽ اهڙا ٻيا ادارا انساني آزادي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني، انصاف جي فراهمي تي عالمي سطح تي مختلف ملڪن جي صورتحال تي سالياني رپورٽون پيش ڪندا رهن ٿا.
- انساني آزاديءَ جي وصف ۽ قسم:
انساني آزاديءَ جي ڪابه هڪڙي وصف ڪونهي، مختلف ماڻهو مختلف طريقي سان آزاديءَ جي وصف ٻڌائين ٿا. مثال طور: جرمن فلاسافر ۽ سوشلسٽ فلاسافي جو باني ڪارل مارڪس انساني آزاديءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان رد ڪري ٻڌائي ٿو ته سرمائيداري نظام ۾ انسان آزاد نه آهي، وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته انسان جي حقيقي آزادي سوشلزم يا ڪميونزم جي نظام ۾ موجود آهي. هوڏانهن مختلف مذهبي فڪرن جي پوئلڳ انسان کي آسماني قوتن جو تعبيدار ٿي رهڻ تي مجبور ڪن ٿا. رسمي طور آڪسفورڊ ڊڪشنري آزاديءَ جي هيءَ وصف ٻڌائي ٿي ته ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان رهي سگهي، سوچي، عمل ڪري ۽ سياست ۾ حصو وٺي سگهي، بغير حڪومت يا اقتدار جي بيجا زور جي.
تاريخ ۾ پهريون دفعو انگريز فلاسافر جان لاڪ 1632-1704، جيڪو سماجي معاهدي جو پايو وجهندڙ آهي، واضح ڪري ٿو ته سڀ انسان برابر ۽ آزاد آهن ۽ هُو ڪجھ آزاديون قربان ڪري پنهنجي چونڊيل حڪومتن ۾ رهڻ چاهين ٿا. هن معاهدي تحت حڪومت انسان جي جان، مال ۽ آزادي کي محفوظ رکڻ جي ذميوار آهي. سماجي معاهدي تحت گڏيل قومن جو انساني حقن جو عالمي پڌرنامو، گڏيل قومن جو شهري ۽ سياسي حقن جو معاهدو ۽ گڏيل قومن جو معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حقن جي دستاويزن کي جنم ڏنو.
ايزا برلن 1909-1997 انگريز فلاسافر ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جو استاد آزاديءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو: هڪڙو حصو ٻاهرين رڪاوٽن کانسواءِ آزادي سان رهڻ جنهن کي منفي آزادي چيو وڃي ٿو ۽ ٻئي حصي کي هاڪاري آزادي برلن چيو آهي، ان مطابق انسان پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو حق رکي ٿو.
- انساني آزاديءَ جي تاريخ:
انساني آزاديءَ جو بنيادي لفظ لاطيني ٻوليءَ مان نڪتو جيڪو رومي سلطنت جي آزاديءَ جي ديوي لبرتاس جي نالي مانLiberty آزاديءَ ۾ تبديل ٿيو. يونان شهر جي اڍائي هزار سال پهرين ڪُل آبادي اندازي مطابق 6 ملين هئي جنهن مان اندازي مطابق 30 سيڪڙو آزاد شهري هئا ۽ باقي 70 سيڪڙو جنهن ۾ عورتون، غلام ۽ غير ملڪي آزاد شهريءَ جي لقب کان محروم ڪيو هو. ساڳي نموني ۾ رومن سلطنت ۾ اندازي مطابق 60 سيڪڙو آزاد شهري هئا ۽ 40 سيڪڙو شهري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا ۽ ائين ئي دنيا جي گهڻو ڪري سڀني ملڪن ۾ انساني آزاديءَ جو ڪوبه تصور نه هو.
جان لاڪ جي سماجي معاهدي سوشل ڪانٽريڪٽ 1689 کانپوءِ برطانيه ۾ غلامن جي واپار تي 1807 ۾ پابندي وڌي وئي ۽ 1834 ۾ غلاميءَ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو، آمريڪا ۾ 1861 ۾ غلامي جي سوال تي خونريز گهرو لڙائي ۾ 6 کان 8 لک ماڻهو مارجي ويا جنهن کانپوءِ 1865 کانپوءِ آمريڪي 16 هين صدر ابراهام لنڪن غلاميءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪري سياهه فام ماڻهن کي آزاد ڪيو.
هن وقت فريڊم هائوس جي آزاديءَ جي انڊيڪس مطابق دنيا جا مکيه 10 ملڪ جن ۾ 1. فن لينڊ، 2. نيوزي لينڊ، 3. ناروي، 4. سوئيڊن، 5. يوڪرين، 6. آئرلينڊ، 7. ليڪسمبرگ، 8. نيدرلينڊ 9. برطانيه ۽ 10. ڪئناڊا آهن اُتان جا شهري پنهنجي مرضيءَ مطابق آزاديءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن.
- انساني آزاديءَ جي عملي شڪل:
انساني آزادي هڪ ايبسٽريڪٽ لفظ آهي. ان جي عملي يا قانوني شڪل تفصيل سان هيٺ ڏجي ٿي. هيءَ انساني آزاديءَ جي شڪل دنيا جي جمهوري ملڪن جي آئين ۾ موجود آهي، جنهن جي بنياد تي قانون ٺاهيا وڃن ٿا:
* سياسي ۽ شهري آزادي
* بنا سبب گرفتاري کان آزادي
* تشدد کان آزادي
* اظهار جي آزادي
* مذهب يا عقيدي جي آزادي مذهب تبديل ڪرڻ سميت
* سياسي جماعت سميت تنظيم ٺاهڻ جي آزادي
* پريس/ميڊيا جي آزادي
* گهمڻ ڦرڻ جي آزادي
* ووٽ ڏيڻ ۽ سياسي سرگرمين ۾ شرڪت جي آزادي
* ملڪيت رکڻ جي آزادي
* ثقافتي ۽ فني اظهار جي آزادي
* ڊجيٽل آزادي
* قومن جي سامراج يا نوآباديت کان آزادي
* قومي خودمختياري ۽ پنهنجي تقدير جي مالڪي جي آزادي
* ذاتي زندگي پرائيويسي گذارڻ جي آزادي
* انصاف حاصل ڪرڻ جي آزادي
* حڪومت کان پڇاڻي جي آزادي
* عزت ۽ وقار واري زندگي گذارڻ جي آزادي
* قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي آزادي
* پرامن احتجاج ۽ جائز سول نافرماني جي آزادي
* عورتن کي برابري جي آزادي
* ۽ ٻيون ضروري انساني آزاديون.
مٿي ذڪر ڪيل حقن جو تت هي آهي ته آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون، جمهوريت، قانون جي حڪمراني، آزاد عدالتي نظام، آزاد ميڊيا، احتساب ۽ فاشسٽ نظرين جو خاتمو ئي انساني آزادي جي عملي شڪل آهي.
- انساني آزاديءَ جا مخالف:
مختلف ملڪن جي سياسي نظام جي اڀياس مان واضح ٿئي ٿو ته غير جمهوري حڪومتون، هائبرڊ جمهوري نظام، بادشاهت، پاپولسٽ سياسي تنظيمون، پاپولسٽ مشهوريت پسند سياسي اڳواڻ، مذهبي انتهاپسند طبقا، عورتن جي برابري جي حقن جا مخالف، ڪرپٽ حڪومتون ۽ فاشسٽ نظريا ڦهلائيندڙ تنظيمون انساني آزاديءَ جي سخت مخالف آهن. هتي ذڪر ڪيل سڀني تنظيمن، تحريڪن ۽ اڳواڻن جو صرف هڪڙو ئي نقطو هوندو آهي ته ماڻهو اسان جي نظرين جي مطابق طبعي، فڪري ۽ قانوني پابندين ۾ زندگي گذارين.
- 21 هين صديءَ ۾ انساني آزاديءَ جي جدوجهد
جيتوڻيڪ دنيا ۾ اقوامِ متحده جو چارٽر اقوامِ متحده جي انساني حقن جو پڌرنامو ۽ ٻيا دستاويز انساني آزاديءَ جي پرچار ڪن ٿا دنيا ۾ 71 جمهوري حڪومتون قائم آهن. انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۽ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس، ڪيترائي غير حڪومتي ادارا ۽ عالمي سوشل ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا انساني آزادي، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن.
ان جي باوجود به مشڪل سان انساني آباديءَ 8.24 ارب مان صرف 20 سيڪڙو ماڻهو آزادي زندگي گذاري رهيا آهن. ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته 21 هين صديءَ ۾ انساني زندگيءَ جي جدوجهد اڃان وڌيڪ تيز ٿيندي ۽ هڪ ڏينهن ضرور ايندو جنهن ۾ 100 سيڪڙو ماڻهو آزاديءَ واري زندگي گذاريندا.
هي جدوجهد آسان نه آهي، پر ان لاءِ اقوامِ متحده، عالمي ڪورٽون، جمهوري ملڪ، غير حڪومتي ادارا، سول سوسائٽي ۽ آزادي پسند فرد ۽ طبقن لاءِ تمام ضروري آهي ته دنيا ۾ هر قسم جي غير ضروري پابندين جو خاتمو ڪري سڀني انسانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ آزاد زندگيءَ جو نظام قائم ڪن. آزادي نه ٿالهيءَ ۾ رکي ملندي آهي ۽ نه وري اُها مستقل جٽادار هوندي آهي. ان لاءِ ماڻهو ئي ان جي حفاظت ڪري سگهن ٿا.
- پڄاڻي:
انساني آزادي هڪ تاريخي معجزو آهي ۽ جديد انساني تهذيب جو محور ٿي اُڀريو آهي. هن وقت صرف 20 سيڪڙو آبادي آزاد زندگي گذاري رهي آهي ۽ 80 سيڪڙو آبادي جيڪا پابندين ۾ رهي ٿي ان کي آجو ڪرائڻو آهي. آزادي جي عملي شڪل جمهوريت، انساني حق، آزاد عدليه، آزاد ميڊيا، آزاد چونڊون، قانون جي حڪمراني ۽ احتساب ۾ سمايل آهن.
هيءَ آزادي نه ورثي ۾ ملي آهي ۽ نه وري ڪا اُن جي ڪا دائمي ضمانت مليل آهي، پر اُها مسلسل جدوجهد جي ئي ذريعي ان جي حفاظت ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ عالمي ۽ مقامي سطح تي آزادي پسند، جمهوريت پسند، انساني حقن ۾ يقين رکندڙ ۽ قانون جي حڪمراني کي تسليم ڪندڙن لاءِ ضروري آهي ته هن 21 هين صديءَ ۾ سڀني ماڻهن عورتن سميت کي انساني آزاديءَ جو نظام قائم ڪن. بِقول سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز خوبصورت لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي ته هُو نيٺ ته توکي چاهيندا، اي! آزادي، اي! آزادي.
*
(همسري مئگزين جي ٿورن سان)