رنگن جو جادُوگر ۽ مثالي استاد

تحرير: ياسر قاضي

2014ع سال جي اونھاري جا پڇاڙڪا ڏينھن هئا. آءٌ ڇنڇر جي شام جو ڪراچي اسٽوڊيو مان پنھنجو معمول وارو هفتيوار پروگرام ”مڌُر يادين“ ڪري رھيو هئس، جيڪو ڪراچيءَ سميت ان ريڊيي جي سنڌ ۾ موجود 12 اسٽيشنن تان پڻ نشر ٿي رهيو هو. اوچتو منھنجي موبائيل فون تي هڪ ميسيج نمودار ٿيو: ”لاڙڪاڻي ۾ تنھنجي پروگرام مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان. ڇا تون منھنجي لاءِ هي گيت وڄائي سگهين ٿو؟ ’مرني ڪي دعائين ڪيون مانگون، جيني ڪِي تمنا ڪون ڪري…!؟‘ “

مون ميسيج ۾ ئي ورندي ڏني: ”ضرُور… مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالھه هوندي. پر ڪنهن جي آواز ۾؟ حبيب ولي محمّد جي آواز ۾؟ يا ڪشور ڪمار جي آواز ۾؟“

جواب آيو: ”حبيب ولي محمّد جي آواز ۾…“

۽ مون هن لاءِ چاھه مان حبيب ولي محمّد جي آواز ۾ اهو غزل نشر ڪيو:

مرني ڪي دعائين ڪيون مانگون، جيني ڪِي تمنا ڪون ڪري…!؟

يه دنيا هو يا وه دنيا، اب خواهشِ دنيا ڪونه ڪري

مون نه ٿي ڄاتو ته اها فرمائش ڪندڙ پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڏينھن پيو ڳڻي ۽ کيس ڪجهه مھينا اڳ ٻڌايو ويو آهي ته هُو هن دنيا ۾ ڪجهه مھينن جو ئي مھمان آهي ۽ اڄ هُو اهو به نٿو ڄاڻي ته وٽس باقي ڪيترا ڏينھن بچيا آهن! سندس اهو چيڪ اپ، جنھن ۾ سندس پِتي جي ڪينسر جي تشخيص ٿي ۽ سندس ڪيموٿراپي شروع ٿي، ان چيڪ اپ دؤران آءٌ به موجود هئس، پر مونکي ڪنھن به گهر ڀاتيءَ ان بريءَ خبر بابت آگاھه ڪونه ڪيو هو ته ڪينسر جي وڻ ويڙهي سندس پِتي ۾ پيھي پنھنجُون پاڙون مضبوط ڪري چُڪي آهي ۽ هاڻي ڪيموٿراپيءَ کي فقط هڪ ڪوشش طور آزمايو پيو وڃي. نيٺ ان ريڊيائي فرمائش کانپوءِ ڪجهه مھينن اندر سندس فرزند ۽ پنھنجي سؤٽَ وٽان پھرين لاڙڪاڻي مان حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ سندس داخل ٿيڻ، تنھن بعد ڪوما ۾ وڃڻ ۽ ان ئي صبح تي اڄ کان 11 سال اڳ، 4 ڊسمبر 2014ع تي سندس وڇوڙي جي هانءٌ ڏاريندڙ خبر موصول ٿي ته اندازو ٿيو ته وٽس ته وقت بچيو ئي ڪونه هو. پر ان بچيل وقت جي مناسب آگاهي نه هجڻ سبب ساڻس آخري قرب ڪچھريون ۽ رُوح رهاڻيون ڪري ئي نه سگهيس. تنھن بعد جڏهن ذهن جي پلي بئڪ تي ساڳيو گيت وري وڳو ته ان جي لفظ لفظَ ڏنڀيو، ته جنھن صورتحال ۾ هن الوداعي بستر تي ”يه دنيا هو يا وه دنيا، اب خواهشِ دنيا ڪون ڪري…“ جا لفظَ ٻُڌا هوندا ته ڪيئن اهي هانءٌ ڏاريندي، سندس دل جِي ڙاڪَ ۾ شيھي وانگر کيس پڄرائيندي لٿا هوندا.

هي، جيڪو 11 سال اڳ اسان کان وڇڙيو، اهو رشتي ۾ منھنجو چاچو هو، پر تعليمي تربيت ۾ جھڙو ۽ جيڏو ڪردار هن ادا ڪيو، اوترو گهڻن جا سڳا والدين به ادا ناهن ڪندا. هو رڳو چاچو نه هو، پر استاد، رهبر ۽ سچو دوست به هو. پر اسان ڀائيٽيا ڀائيٽيون به کيس ”ڀائي جان“ چوندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسان هوش سنڀالوسي، ته  سندس ننڍن ڀائرن ڀينرن کي کيس ”ڀائي جان“ ئي چوندي ٻڌوسي. اڄ اسان ڀيڻ ڀائرن جي هٿ اکرن يا ڪليگرافيءَ کي ڏسي ڪوئي ساراهيندو آهي، ته يڪدم ذهن ۾ ايندو آهي ته اهو ڪريڊٽ ته ڀائيجان ڏانھن ئي وڃي ٿو، جيڪو ننڍ پڻ کان روز ڪاپيءَ جي صفحي جي مٿئين سِٽَ تي جملا لکي هيٺان 8، 8 ڀيرا اھي جملا اسانجي چاهيندي نه چاهيندي اسان کان لکرائيندو هو، ته جيئن اسان جا هٿ اکر سُڌرن. ڇھين ڪلاس جا ڪجهه ڏينھن مون سندن ڪلاس ٽيچريءَ هيٺ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پڙھيا. جنھن دؤران هن ’ڪرسٽينا روزيٽيءَ‘ جو لکيل انگريزي نظم ”هُو سيز سِين دي ونڊ“ (هوا کي ڪنھن ڏٺو آهي!) اهڙي عمدي انداز ۾ سربستو پڙهايو هو، جو اڄ تائين ترجمي سميت ازبر آهي.

سنڌ کيس هڪ سجيلي مصوّر، چترڪار ۽ ڪئليگرافر طور سُڃاڻي ٿي، جنهنجو نالو آهي: قاضي اختر حيات.

سنڌ جي نامياري شاعر، تعليمي ماهر، استاد، چترڪار ۽ سماج سڌارڪ، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جو ٽيون نمبر فرزند، نامياري مصوّر قاضي خضر حيات ۽ سنڌ جي سجيلي شاعرَ مقصود گل جو ننڍو ڀاءُ ۽ نامياري شاعر ۽ مصوّر، قاضي منظر حيات جو وڏو ڀاءُ!

قاضي اختر حيات جا پھريان پھريان فنپارا مون ڪھڙا ڏٺا؟ جن کي ڏسي نه رڳو شروع کان سندس فني پختگيءَ جو احساس ٿيو، بلڪه معصوم عمر کان ان حسرت به ڪرُ کڻڻ شروع ڪيو، ته مان به وڏو ٿي ڀائيجان وانگر چترڪار ٿيندس. گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري جي ديوارن تي ٿيل سندس خطاطي… جنھن ۾ ترجمن سميت لکيل قرآني آيتون، شاهه ۽ سچل سائينءَ جا بيتَ شامل هئا… مقصود گل جي ڪتابن ”زندگيءَ ڏي موٽ“ ۽ ”ڪرڻا ڪرڻا“ جا ٽائٽل ڊزائن… امرجليل جي ڪتابَ ”دل جي دنيا“ جي پھرين ڇاپي جي بئڪ ٽائٽل تي ڇپيل، سندس ڊزائن ڪيل جليل صاحب جو مشھور پين اسڪيچ… ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي ڪتاب ”عظيم سنڌي انسان“ جو سھڻو سرورق، جنھن ۾ سنڌ جي نقشي اندر سنڌ جي مشاهيرن جا اسڪيچز ٺھيل هئا… ۽ سندس اسڪيچ بُڪ ۾ سانڍيل لارڊ مائونٽ بيٽن، ذوالفقار علي ڀُٽي جي جوانيءَ جا اسڪيچَ… مختيار سمي جي ٻارن جي شاعريءَ جي ڪتاب ”دنيا آهي گول“ جو سروق ۽ ان جي هر نظم تي سندس ڊزائن ڪيل اسڪيچَ… جن لاءِ هن اسان ڀيڻ ڀائرن کي ماڊل طور استعمال ڪيو ۽ اسانجي ’لائيو اسڪيچن‘ توڙ ي اسانجي فوٽوگرافس جي ريفرنس تي اهي اسڪيچ تخليق ڪيا… گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ٻين ڪئين خانگي ادارن جا مونوگرامَ… ۽ ٻيو گهڻو ڪم…

ان بعد هن پنھنجي چترڪاريءَ جي استادَ فتاح هاليپوٽي ــ شرجيلَ جي پيروي ڪندي، اڪيچار ڪتابن جا ٽائيٽل ڪَور تخليق ڪيا. ڪيترن ئي ادارن جا مونوگرامس ٺاهيا. فتاح کان اڳ آرٽ ۾ سندس بنيادي استادَ سندس والد ۽ وڏو ڀاءُ قاضي خضر حيات هئا.

رتيديري ۾، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي گهر، پهرين جنوري 1958ع تي پيدا ٿيندڙ هن تخليقي ذهن ۾ سندس پيءُ پاران مصوّريءَ جو فن موروثي طور منتقل ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي شهر مان حاصل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان 1972ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪري، 1975ع ۾ انٽر آرٽس جو امتحان گورنمينٽ آرٽس ڪاليج رتيديري مان پاس ڪيائين. ان دؤران هن 1967ع ۽ 1968ع ۾ بالترتيب ايليمينٽري ۽ انٽرميڊيٽ گريڊ ڊرائنگ جا امتحان به پاس ڪري ورتا. 15 ڊسمبر 1977ع تي جڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان سندس والد صاحب، ”ڊرائنگ ماسٽر“ جي عھدي تان رٽائر ٿيو ته اها نشست سندس پُٽ جي حيثيت سان قاضي اختر حيات کي ملي ۽ هو ان ئي ڏينھن کان پيءُ جي جاءِ تي ٻارن کي مصوّريءَ جا سبقَ پاڙهڻ لڳو. تنھن بعد هن 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪئي. جيئن ته هو تدريس کي ئي پنھنجو ڪيريئر بڻائي چڪو هو، تنهنڪري هن تعليم جي ابلاغ جا گُرَ سکڻ ضروري سمجهيا، تنهنڪري 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ سان سلھاڙيل بي. ايڊ. ڪالج سکر مان بي. ايڊ. جڏهن ته ان کان گهڻو پوءِ 2000ع ۾ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيائين. مصوريءَ جي استاد جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ ان جي پيشاورانه تربيت لاءِ ٽريننگ ڪاليج (فارمين) حيدرآباد مان 1983ع ۾ ”آرٽس ٽيچرز سرٽيفڪيٽ“ (ATC) اي گريڊ ۾ جڏهن ته ساڳئي ڪاليج مان 1989ع ۾ ”آرٽ ماسٽرس سرٽيفڪيٽ“ (AMC) ڪورس ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيائين. 1977ع کان 1988ع تائين 11 سالَ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ ٻارن کي چترڪاريءَ جا درس ڏيڻ کانپوءِ، هن 1988ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي، پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ فائن آرٽس جي ليڪچرار طور علم جون ڏياٽيون روشن ڪيون. جتان 1992ع ۾ نئين قائم ٿيل ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ملازمت جو موقعو ملڻ تي ابتدائي فئڪلٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پر وري 1993ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص واپس موٽي آيو، جتان 1994ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنھنجو اسڪول کوليائين، جيڪو اڄ سندس وفات کانپوءِ به سندس والد جي نالي سان علم جا اُجالا ونڊي رهيو آهي.

واٽر ڪلر جو ماھر ۽ پين اسڪيچ تي ملڪو رکندڙ قاضي اختر حيات پنھنجي اسٽروڪ ۽ انداز ۾ يگانو چترڪار هو. پنھنجي تخليقي انفراديت سبب سندس مصوّراڻو تخيّل جڏهن ڪئنوس تي اڀري ايندو هو ته پنھنجي يگاني سونھن سان اکين کي تراوت بخشيندو هو. سندس تخليق ڪيل پورٽريٽ ڏسي حقيقت جو گمان پيو ٿيندو هو. آرٽ جي استاد جي حيثيت سان هُن ڪيترن ئي شاگردن کي مصوّريءَ جي جادوگري سيکاري ۽ منجهن موجود خداداد چڻنگ کي پنھنجي عمدي تربيت جي هوا ڏئي، سندن رنگن جي اپٽار کي به جِلا بخشي.

قاضي اختر، ”زيب“ جي تخلص سان شاعري به ڪئي ۽ ڪجهه نثر به تحرير ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ رومان سان گڏ وطن دوستيءَ جو رنگ به ملي ٿو. سنڌ دوستيءَ جو موضوع به سندس ڪلام ۾ واضح موجود آهي.

هڪ نظم ۾ چوي ٿو:

اميدن جو مون آ جلايو چراغ

اهو شل نه رستي اندر گُل ٿئي

اچي شل وري هوش سنڌين اندر

وري سنڌ ساڳئي ئي مشعل ٿئي

گهڻو وقت سنڌي رهيا بي خبر

مگر هاڻي هوشيار، بيدار ٿيو!

زمانو متان آزماش ڪري

اُٿو سر ڏيڻ لاءِ اڄ تيار ٿيو!

پنھجين آڱرين رستي رنگن جي ٻولي اظهارڻ وارو هي جادوگر، سونھن ورنا رُوپَ تخليق ڪري اڄ کان 11 ورهه اڳ 4 ڊسمبر 2014ع تي سنڌ کان جدا ٿي ويو ۽ پنھنجي پٺيان پنھنجن فنپارن توڙي شاگردن جو اڻ ڳڻيو تعداد پنھنجي فن جي ورثي طور ڇڏي ويو. جيڪو وڏي عرصي تائين ياد رهڻو آهي. پاڻ اڄ ابوبحر قبرستان لاڙڪاڻي ۾ آرامي آهي.

اسان ٻه ڏينھن بعد ايندڙ سندس يارهين ورسيءَ تي کيس يادن جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.