سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد جو هڪ نئون باب

تحرير: پارس ڀٽي

27هين ترميم، سنڌ جي ورهاڱي جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪارو ڪاري ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا، عورتن جو سمنڊ، ڌرتي سان بي پناھ محبت، ٻڌي، اتحاد ،ضابطو حيدرآباد جي سٽي گيٽ کان ايشيا جي وڏي تنظيم سنڌياڻي تحريڪ جي ريلي جو سفر شروع ٿيو. جنھن ۾ مڪمل ڊسيپلين سان عورتن، مردن، ٻارڙن، ننڍن، وڏن ڌرتيءَ جي وسيلن خاطر روڊن تي پنهنجي گونجار وسيلي حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيو ته ھو توهان جي ٺاھيل سنڌ دشمن سازشن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. انھن سمورن ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب جو عڪس جرڪي رهيو هو.

سنڌياڻي تحريڪ ھر دؤر ۾ ميدان عمل ۾ رھي اھو ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ ڌرتيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن ، ڪاپوريٽ فارمنگ ، معدني وسيلن جي ڦرمار، ڪارو ڪاري جهڙين ڪڌين رسمن خلاف پھاڙ بڻجي آڏو آئي آهي.

16نومبر جي ريلي جيڪا 26 27 ترميم ذريعي پاڪستان جي آئين جي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪري ادارن کي حڪمران اشرافيا يا فرد واحد جي تابع ڪرڻ خلاف سٽي گيٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين سنڌياڻي تحريڪ بھادري، ھمت ،حوصلي سان اڳتي وڌي حڪمرانن جا حوصلا پشت ڪري ڇڏيا ۽ انھن کي ٻڌائي ڇڏيو ته سنڌياڻي تحريڪ توهان جي ڪوڙن داٻن کان  ڊڄڻ واري ناهي اھا توھان جي ھر ناپاڪ منصوبي کي ناڪام بڻائيندي.

سلام آھي انھن بھادر ڀينرن کي جن تقريباً اڍائي ڪلاڪ مارچ ڪري مسلسل نعرا هڻي 27 آئيني ترميم کي رد ڪندي احتجاج ڪنديون رهيون.

جيئن ته سنڌياڻي تحريڪ جون شاخون سنڌ جي ھر ضلعي اندر موجود آهن ۽ پنھنجو ڪم ڪري رھيون آھن. سنڌياڻي تحريڪ سمجھي ٿي ته ملڪ جي اڌ آبادي عورت آهي جيستائين اھا سجاڳ نه ٿيندي تيسين ڌرتيءَ مٿان لڳندڙ ڌاڙن جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي عورتن کان سواءِ ھر جدوجهد اڻپوري آهي.

سنڌي معاشرو قبيلائي، سرداري، جاگيرداري سماجي تاريخ جو اقتصادي لحاظ کان پٺتي رھجي ويل صوبو آهي.

اسان جي قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد، ڏاڍ، ظلم خلاف عورتن کي ھر محاذ تي منھن مٿي کڻي ھلڻ جو درس ڏنو. جنھن جو ثبوت سنڌياڻي تحريڪ جون بھادر ڀينرون آهن جيڪي بي خود ٿي سنڌ جي روڊن رستن پنھنجي حقن خاطر جدوجهد ڪري رهيون آهن. سنڌياڻي تحريڪ ھڪ نظرياتي تحريڪ آهي جيڪا عورتن منجھه سياسي ، سجاڳي پيدا ڪري طبقاتي ۽ قومي جدوجهد ۾ پنھنجو ڪردار نڀائي رھي آھي.

جيتوڻيڪ 16 نومبر واري ريلي ۾ شريڪ ڀينرن کي حراسان ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ حڪمرانن ايف آءِ آر به درج ڪئي پر شايد! کين اھا ڄاڻ ناھي ته ھن ھر آمريت خلاف نه رڳو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کي منھن ڏنو آهي پاڻ مرادو گرفتاريون پيش ڪري ڪيئي مثال قائم ڪيا آهن جيڪي سنڌياڻي تحريڪ جي تاريخ جدوجهد جا اڻ مٽا اھڃاڻ آھن.

16 نومبر واري ريلي سنڌياڻي تحريڪ جي تاريخ ۾ ھڪ نئون باب جوڙي ڇڏيو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن ڪيسن ۽ گرفتارين کان ڊڄڻ بدران هڪ ٻي ريلي جو اعلان ڪيو آهي، 21 ڊسمبر تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي ۾ ريلي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي پرامن جمهوري جدوجهد هڪ مثالي جدوجهد آهي.

رکون ٿا بي ڊپون دليون

وڌي اچو اي مشڪلون

ته شوق سان ڳلي ملون…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.