اچو ته گورننس يا طرزِ حڪمراني کي سمجهون

تحرير: محمد احسان لغاري

طرزِ حڪمراني انهن لفظن مان هڪ آهي جيڪو  اسانکي فني، ڏورانھون ۽ صرف ماهرن جي استعمال جي لائق لڳندو آھي. ان جو پڙلاءُ حڪومتي دستاويزن، تحقيقن، خبرن، تبصرن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي۔ پر حقيقت اها آهي ته اسان ان کي محسوس ڪريون يا نه، طرزِ حڪمراني اسان جي زندگي جي هر شعبي سان ڳنڍيل آھي . ان مان خبر پوي ٿي ته هڪ ٻارڙي کي پنهنجي ڪلاس ۾ تربيت يافته استاد ملندو يا نه؛ ڪو شهر مينهن جو پاڻي اثرائتي نموني نيڪال ڪري سگهندو ؛ هاريءَ کي قرض تائين پهچ ملندي ؛ معاهدن تي عمل ٿيندو؛ ۽ انصاف ڪجهه ڏينهن ۾ ملندو يا ڪيترن ئي سالن تائين لٽڪندو رهندو!  حڪومت اهو ڍانچو آهي جيڪو اسان کي نظر اچي ٿو؛ ۽ طرزِ حڪمراني اهو نظام آهي جنهن کي اسان پنهنجي تجربي ۾ محسوس ڪندا آهيون.

جديد علم سياست انهيءَ بنيادي بصيرت تي بيٺل آهي ته طرزِ حڪمراني صرف حڪومت جو ٻيو نالو ناهي. محقق يو ڪي وضاحت ڪري ٿو ته طرزِ حڪمراني هڪ وسيع تصور جي طور تي ان وقت اڀريو جڏهن ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ ماهر ۽ پاليسي ساز اهو سمجهڻ لڳا ته حڪومتون اڪيليون وڌندڙ پيچيدگين سان منهن نه ٿيون ڏئي سگهن. طرزِ حڪمراني انهن سڀني رسمي ۽ غير رسمي طريقن جو مجموعو آهي، جنهن وسيلي اختيار استعمال ٿيندو آهي، فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ اجتماعي مسئلا حل ڪيا ويندا آهن. هڪ اڪيلي مرڪزيت جي تصور جي ابتڙ، طرزِ حڪمراني سماج کي ادارن، ضابطن، رشتن، محرڪن ۽ ڪردارن جي پاڻ ۾ ڳنڍيل ڄار جي طور تي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو. هن ڄار ۾ رياست اڪيلي مرڪز نٿي رهي؛ بازار/مارڪيٽ، سول سوسائٽي، مقامي برادريون، نجي ادارا، بين الاقوامي تنظيمون، پيشورانه نيٽ ورڪ ۽ ايتري قدر جو سماجي روايتون به پنهنجي پنهنجي سطح تي حڪمرانيءَ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. ايئن طرزِ حڪمراني اهو عمل ناهي جيڪو حڪومت ماڻهن لاءِ ( سٺو يا خراب) ڪري ٿي، پر اهو طريقو آهي جيڪو سماج پنهنجي گڏيل عمل سان تخليق ڪن ٿا ۽ مسلسل جوڙيندا رهن ٿا.

انهيءَ ڪري لاڳاپيل ماهر طرزِ حڪمراني ۽ حڪومت ۾ فرق ڪرڻ تي زور ڏين ٿا. حڪومت، رياست جو باضابطا ادارو آهي جيڪو درجي بندي ٿيل اختيار ذريعي ڪم ڪري ٿو. ٻئي طرف طرزِ حڪمراني هڪ جاري رهڻ وارو مسلسل، ڳالهين وارو، گهڻ رخي ڪردارن وارو ۽ ڪيترن ئي سطحن تي پکڙيل عمل آهي. محقق مارڪ بيور جي تحقيق هن تبديليءَ کي چٽي ريت بيان ڪري ٿي ته جديد طرزِ حڪمراني، حڪم ۽ ڪنٽرول/ ضابطي تي ٻڌل قديم بيوروڪريسيءَ/ افسرشاھي مان نڪري شريڪدارين، نيٽ ورڪن ۽ اشتراڪي فيصلا سازي ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي عوامي پاليسي مٿان کان هڪطرفي هدايتن جي بدران رياستي ۽ غير رياستي ڪردارن جي باهمي ڳالهه ٻولهه مان اڀري ٿي. صحت عامه، تعليم، توانائي ۽ پاڻيءَ جي انتظام جهڙن شعبن ۾ رياست هاڻي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ جي بدران رابطا ڪاري، ضابطا بندي، رهنمائي ۽ اتساھ ذريعي ٻين جي روين کي منظم ڪري ٿي. ان اعتبار کان طرزِ حڪمراني رياست جي سُسڻ جو نه پر ان جي هڪ پيچيده سماجي ماحول ۾ نئين جاءِ تي منتقليءَ جو نالو آهي۔

طرزِ حڪمرانيءَ جو عالمي لاڙو 1980 ۽ 1990 واري ڏهاڪن ۾ ايئن ئي نه اڀريو؛ ان جي پس منظر ۾ هڪ گهرو ادراڪ موجود هو: ته مارڪيٽ/بازار به ناڪام ٿي سگهي ٿي ۽ رياست به. نو لبرل سوچ بازار کي سڀني مسئلن جو حل سمجهي ورتو هو(نيوليبرل سوچ جو مطلب آهي هڪ معاشرتي ۽ معاشي فلسفو جيڪو مارڪيٽ جي آزادي، نجي سيڪٽر جي حمايت، حڪومتي مداخلت گهٽائڻ ۽ فردي ذميواري تي زور ڏئي ٿو)، پر بازار اجاريدارين، ڪرپشن، ماحولياتي زوال ۽ بنيادي سهولتن تائين اڻ برابر رسائي جهڙن مسئلن کي حل نه ڪري سگهي. انهيءَ دوران ڪيتريون ئي ترقي پذير ۽ نئون آزاد ٿيل رياستون انتهائي مرڪزي، ڪمزور ۽ غير مؤثر بيوروڪريسين جي بار هيٺ دٻيل هيون؛ اهڙين بيوروڪريسين وٽ اختيار ته هو، پر اهليت تمام گهٽ ھئي. فرانسس فوڪوياما جي مطابق انهن رياستن وٽ سياسي اختيار ته تمام جھجھو ھو ، پر رياستي صلاحيت ھيٺاھين واري ۽ بنھہ  ڪمزور هئي؛ اهي فيصلا ته ڪري سگهيون ٿي پر انهن کي لاڳو نه ٿي ڪري سگهيون. رياست ۽ مارڪيٽ جي هن ٻٽي ناڪاميءَ جي وچ ۾ طرزِ حڪمراني هڪ متبادل رستي جي طور تي سامهون آئي؛ هڪ اهڙو تصور جيڪو مضبوط ادارن، اهل بيوروڪريسي/افسر  ۽ وسيع سماجي شموليت کان سواءِ ترقي کي ممڪن نٿو سمجهي.

وقت سان گڏ جڏهن طرزِ حڪمرانيءَ جو تصور مضبوط ٿيو ته ماهرن ۽ عالمي ادارن ان کي ماپڻ جي قابل بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتي ڪوشش عالمي بينڪ جي هئي، جتي ڊينيئل ڪاف مين، آرٽ ڪَرائي ۽ پابلو زوئيڊو-لوباتون ورلڊ وائڊ گورننس انڊيڪيٽرز/ عالمي سطح جي طرزِ حڪمرانيءَ جا اشاريا تيار ڪيا۔ اھا هڪ اهڙي ڪوشش ھئي جنهن هن پيچيده تصور کي ڪجهه چٽو ڪيو . انھن مطابق طرزِ حڪمراني ان روايتن ۽ ادارتي نظم جو نالو آهي جنهن ذريعي اختيار استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ته ان جي اهم رُخن ۾ آواز( ڪنھن کي ٻڌو وڃڻ) ۽ احتساب، سياسي استحڪام، حڪومت جو اثرائتوهجڻ، ضابطا بندي جو معيار، قانون جي حڪمراني ۽ بدعنواني تي ضابطو شامل آهن. هن تحقيق طرزِ حڪمراني ۽ ترقيءَ جي وچ ۾ مضبوط ۽ ماپڻ جي قابل تعلق کي ثابت ڪيو. بهتر طرزِ حڪمراني رکندڙ ملڪ وڌيڪ آمدني وارا، نون ڄايل ٻارڙن جي موت جو گھٽ سيڪڙو، وڌيڪ شرح خواندگي، بهتر سيڙپڪاري ۽ بهتر انساني ترقي جو مشاهدو ڪن ٿا. ايئن طرزِ حڪمراني ڪو نظرياتي گھاڙيٽو ۽ پَني پورائي نه پر عملي ترقياتي حڪمت عملي آهي.

پر طرزِ حڪمراني صرف نتيجن جو نالو ناهي؛ اهو صلاحيتون به آهن. فوڪوياما جي تنقيد خبردار ڪري ٿي ته  جمهوري ڍانچا  موجود هجن پر بيوروڪريسي نااهل هجي ته نتيجا مايوس ڪندڙ هوندا. ان جو ثبوت پاڻ وٽ ھر ھنڌ ملندو۔ جيڪڏهن رياست وٽ مهارت، پيشورانه معيار يا ادارتي خودمختياري نه هجي ته هڪ جمهوري حڪومت به تمام خراب طرزِ حڪمراني واري ٿي سگهي ٿي.

طرزِ حڪمراني صرف ادارتي صلاحيت ناهي پر سماجي اصولن ۽ باهمي اعتماد جو به نتيجو آهي. ايلينور اوسٽروم جي تحقيق ثابت ڪيو ته جيڪڏهن برادرين ۾ اعتماد، تعاون ۽ مقامي نگراني مضبوط هجي ته اهي گهڻن ئي وسيلن کي رياست کان بهتر نموني منظم ڪري سگهن ٿيون. بو رٿسچين جي مطابق مؤثر طرزِ حڪمرانيءَ جو بنياد غير جانبداري آهي: جڏهن ادارا شهرين سان هڪجهڙو سلوڪ ڪن ٿا ته اعتماد وڌي ٿو، قانون جي پاسداري ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ بدعنواني گهٽجي ٿي. ايئن طرزِ حڪمراني محض فني نه پر سماجي ۽ اخلاقي به آهي.

دنيا ۾ طرزِ حڪمراني جون ناڪاميون ڏسڻ مشڪل ناهن. جڏهن شهر ٿوري مينهن ۾ ٻڏي وڃن ٿا؛ سرڪاري اسپتالون دوائن کان خالي هجن؛ اسڪولن کي پراجيڪٽ سمجھو وڃي؛  پوليس ڪمزور يا جانبدار هجي؛ سرڪاري منصوبا ڪجهه ئي مهينن ۾ ٽٽي پون ٿا؛ يا جڏهن عدالتن ۾ انصاف سالن تائين نه ملي سگھي. اصل مسئلو مٿاڇري تي نظر ايندڙ بحران کان وڌيڪ گهرو هوندو آهي؛ اتي طرزِ حڪمرانيءَ جي ڪا نه ڪا خاصيت  : رابطا ڪاري، احتساب، صلاحيت، عدم سياسي مداخلت يا ضابطن جي پاسداري ڊهي چڪي هوندي آهي.

پر جتي طرزِ حڪمراني مضبوط هجي اتي ان جا ھاڪاري اثر به خاموشيءَ سان پکڙجن ٿا. ڪٿي مقامي برادري پاڻيءَ جي نظام کي منظم ڪري ٿي؛ ڪٿي بلدياتي ادارا باقاعدگي سان خدمتون فراهم ڪن ٿا؛ ڪٿي عدالتون تڪرارن کي جلد ۽ شفاف طريقي سان حل ڪن ٿيون؛ ۽ ڪٿي بيوروڪريسي بحرانن سان منهن ڏيڻ ۾ پيشورانه ثابت ٿئي ٿي. اهڙين حالتن ۾ رياست ۽ سماج جي وچ ۾ اعتماد وڌي ٿو ۽ اهو ئي اعتماد سماجن کي مضبوط رکي ٿو.

 طرزِ حڪمراني  ڪو تجريدي خيال ناھي؛ اھو ملڪ جي ھر شھري جو تجربو آھي . سٺي طرزِ حڪمرانيءَ جو مطلب بي عيب حڪومت ناهي پر اهڙا ادارا آهن جيڪي نظم برقرار رکن، عوامي ضرورتون پوريون ڪن، اجتماعي معاملن کي منصفاڻي طور تي ڏسن، ھلائين ۽ حل ڪن ۽ وسيلن کي ايمانداريءَ سان استعمال ڪن. اهو بنياد آهي جنهن تي سماج اڏيل رهندا آهن، ۽ اها قوت آهي جيڪا ترقي کي اڳتي وڌائي ٿي. خراب طرزِ حڪمراني اعتماد کي ختم ڪري ٿي ۽ وسيلن کي برباد ڪري ڪجھ ڌرين جي حوالي ڪري ٿي؛ جڏهن ته مضبوط طرزِ حڪمراني موقعو پيدا ڪري ٿي، استحڪام آڻي ٿي ۽ لچڪ پيدا ڪري ٿي.

طرزِ حڪمراني جو سوال  هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ اسان پاڻ کي ڏسي سگهون ٿا. اسان جي ادارن جي ڪارڪردگي، رياستي صلاحيت، سماجي رويّا، ۽ اسان جا سياسي فيصلا،  سڀ هن طرزِ حڪمرانيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا جنهن ۾ اسين بطور سماج گذران  ڪري رهيا آهيون. عالمي تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته سٺي طرزِ حڪمراني ترقي جو بنياد آهي، جڏهن ته ڪمزور طرزِ حڪمراني قومن کي بار بار انهن ئي غلطين جي چڪر ۾ ڦاسائي ڇڏي ٿي. دنيا جا وڏا مفڪر: ڪاف مين هجي يا فوڪوياما، اوسٽروم  يا رٿسچين؛ سڀ ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته ادارن جي شفافيت، غير جانبداري، ۽ صلاحيت ئي سماجي اعتماد ۽ ترقي جو رستو هموار ڪري ٿي. پر انهن نظرين ۽ عالمي معيارن جي روشني ۾ جڏهن اسين پنهنجي ملڪ جي صورتحال ڏسون ٿا ته اصل سوال اهو ئي بڻجي ٿو: اسين طرزِ حڪمرانيءَ جي اشارين ۾ ڪٿي بيٺل آهيون، ۽ ڪهڙن محققن جي تجزياتي راءِ اسان جي حالتن جي سچي تصوير پيش ڪري ٿي؛ ان جو فيصلو اوهان پاڻ ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.