نون صوبن جي مهم ۽ ميدان ۾ لٿل مُهرا

تحرير: عاطف ملاح

پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام واري مهم هن دفعي زور پڪڙي وئي آهي. هونئن هي مطالبو سنڌ ۾ موجوده هڪ مخصوص دهشتگرد ٽولي ايم ڪيو ايم طرفان ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ سنڌ جي عوام ان خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي آهي ۽ پنھنجو ۽ سنڌ جو وجود بچايو آهي. هن دفعي اها مهم ڪن مٿين ڌرين جي اشارن تي لاهور جي ميڊيا مالڪن طرفان به ڪئي پئي وڃي. دنيا نيوز چينل ان ۾ اڳڀرو آهي. دنيا نيوز جو مالڪ ميان عامر محمود جنهن کي جنرل پرويز مشرف لاهور جو ميئر به بڻايو هو سو وڏي ٽيڪ ۽ پٺڀرائي سان ميدان تي لٿل آهي هن سما ٽي وي نيوز تي پروگرام ڪندڙ نجم سيٺي ۽ ان جي ميزبان سيده عائشه ناز کي دنيا چينل تي گهرائي ڇڏيو آهي. هاڻ دنيا نيوز تي ويھي نجم سيٺي نون صوبن جي حق ۾ ڳالهيون ويٺو ڪري. دنيا نيوز تي نجم سيٺي هڪڙي اها ڳالهه به ڪئي آهي ته جيڪي ٽرمپ جا يار آهن انھن جي مٿان جيڪڏھن ٽرمپ جو هٿ ائين ئي رهيو ته نون صوبن وارو معاملو هي ڪري ڇڏيندا.

 مطلب ته نون صوبن وارو معاملو رڳو هتان جي همراهن جو ناهي ان پٺيان آمريڪا کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، رسول بخش پليجو صاحب پڻ پنهنجي وقت ۾ ان طرف اشارو ڪيو هيو. هن وقت هنن لاءِ آئيني ترميم ڪرڻ ڏکيو ڪونھي. روز ويٺا آئيني ترميم ڪن. صوبن کان رضامندي حاصل ڪرڻ وارو معاملو به هي آئيني ترميم وسيلي حل ڪري ويندا ۽ ائين هي پنھنجي نون صوبن واري ناپاڪ منصوبي تي عمل پيرا آهن پر هنن کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته سنڌ ڪروڙين سنڌين جو هزارين سالن کان تهذيبي تاريخي وطن آهي. سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي. اها سنڌ اسيمبلي پھرين صوبائي اسيمبلي هئي جنھن مارچ 1943 ۾ پاڪستان جي قيام لاءِ سڀ کان پھرين قرارداد پاس ڪئي.

 سنڌ جو ڪروڙين عوام پنھنجي هزارين سالا تاريخي وطن جو ورهاڱو هنن کي ڪڏهن به ڪنھن به صورت ۾ ڪرڻ ڪونه ڏيندو. هنن کي ڪروڙين سنڌين جي لاشن تان گذري سنڌ کي ٽوڙڻو پوندو پر جيسين تائين هڪڙو سنڌي به جيئرو آهي اهو هنن کي سنڌ ٽوڙڻ نقطئه به ۽ ڪڏهن به ڪونه ڏيندو. اهو درس اسان کي اسان جي فڪري رهبر رسول بخش پليجي صاحب ڏنو آهي ۽ هن چيو هيو ته جيسيتائين هڪڙو سنڌي به جيئرو هوندو هي وطن ان جو آهي. هو ان جو تحفظ ڪندو. اسان کي استاد بخاري جهڙن پنهنجن سرويچ شاعرن به اهو سبق ڏنو آهي ته

اسان آهيون سادا چئون ٿا مڃون ٿا

مگر حق ۽ ناحق کي سڃاڻي وٺون ٿا.

اسين سنڌي هنن جي نظرن ۾ ڀلي سادا هجون پر هنن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسان جي استاد بخاري ئي اهو پڙهايو هيو ته

ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

دولهه دريا ۽ دودا آهيون.

ان ڪري پاڪستان جي موجودہ حڪمرانن کي اهو نه وسارڻ کپي ته هي 1971 ناهي. هي سنڌ اها ناهي جيڪا هنن پھرين ڏٺي هي سنڌ هاڻ تبديل ٿي چڪي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، ڪينالن ۽ ستاويهن آئيني ترميم خلاف هنن سنڌ جو ڪروڌ ڏٺو آهي. هاڻ وڌيڪ هي پنھنجي لاءِ ماحول خراب نه ڪن ته بھتر آهي. ٽرمپ اڄ آهي سڀاڻي ڪونه هوندو. ٽرمپ جي هُشيءَ  تي ٽاڏيون ڏيڻ بند ڪريو. توهان کان پهرين به ته ايوب خان هيو نه جنهن کان ڪم وٺي ڦٽو ڪري ڇڏين. مشرف به هيو نه. ضيا به هيو نه. ڪهڙو حشر ٿيو انھن سان؟ ان ڪري آمريڪا جي ياري جي آسري ملڪ جو نقصان نه ڪيو. رسول بخش پليجو صاحب گهڻو اڳ چيو هيو ته آمريڪا جي يارن جا حشر ڏاڍا برا ٿيا آهن. خود آمريڪا جو ڪنھن دور ۾ وڏو پاليسي ساز رهندڙ هينري ڪسنجر به چئي چڪو آهي ته آمريڪا دشمني ته خطرناڪ آهي پر آمريڪا سان ياري ان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان ڪري هاڻوڪن آمريڪي يارن کي پوءِ خبر پوندي جڏهن وقت گذري چڪو هوندو.

بهرحال هڪ دفعو ٻيھر هنن کي واضع ٻڌائي ڇڏجي ته سنڌ توهان جي ڪنھن به ناجائز، ناپاڪ ،غير آئيني ۽ غير قانوني طاقت جي زور تي مڙهيل منصوبي کي قبول نه ڪندي. سنڌ وڙهندي. سنڌ جي تاريخ رهي آهي ته اسان هر جابر خلاف وڙهيو آهي. اسان مظلوم آهيون ۽ مظلومن جا ساٿاري آهيون ،استاد بخاري جي لفظن ۾ سادا به آهيون پر جڏهن جوٽي ڏيندا جنگ آهيون تڏهن ڏاڍا اوکا ۽ ويڙها آهيون. ڊڄو ان ڏينھن کان جڏهن سنڌ هر گھر مان، هر ٻار، ٻچو، عورت ۽ مرد توھان خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ اهو وقت پري ناهي. ھينئر به رسول بخش پليجي جي سنڌ، شاهه لطف جي سنڌ، سچل، سامي ۽ دولهه دريا خان جي سنڌ، دودي، هوشو ۽ هيمون جي سنڌ توھان خلاف اٿي بيٺي آهي. وہ صبح ڪبهي تو آئيگي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.