ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت جي ترجمان پاڪستان تي افغانستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي سميت پڪتيڪا، خوست ۽ کنڊر ۾ فضائي حملا ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي ۽ چيو آهي ته غلط معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪرڻ سان صورتحال وڌيڪ منجهي وڃي ٿي ۽ ان جو نتيجو صرف رسوائي کانسواءِ ڪجهه به نٿو اچي. طالبان جي عبوري حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جو هي بيان انهن الزامن کان ڪيترا ڪلاڪ پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان هن وقت صوبه خوست ۾ هڪ گهر تي بمباري ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ٻارڙا ۽ عورتون مارجي ويون آهن جڏهن ته ڪنڙ ۽ پڪتيڪا ۾ ٿيندڙ فضائي حملا ۾ وڌيڪ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. . پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته افغانستان جي صوبن پڪتيڪا، خوست ۽ ڪنڙ ۾ ٿيندڙ فضائي حملا نه صرف افغانستان جي خودمختاري ۽ فضائي حدن جي ڀڃڪڙي آهن، بلڪه اهي پاڪستان طرفان بين الاقوامي طور تسليم ٿيل اصولن ۽ قانونن جي به واضح خلاف ورزي آهن.