اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 27هين ترميم جي منظوري جبري ۽ جعلي هئي، ترميم آڻيندڙ قوتن جي عزت ناهي وڌي، 27 هين آئيني ترميم کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران فضل الرحمان چيو ته جييو آءِ اجلاس ۾ 27هين ترميم تي غور ڪيو ۽ ان کي رد ڪيو آهي،سڀ کان پهرين بنيادي مسئلي کي ڏسڻ گهرجي، هڪ سال اڳ 26 هين آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ آندي وئي، عدليا سان لاڳاپيل 26 هين ترميم اڃا عدالت ۾ آهي ۽ هاڻي نئين ترميم آندي وئي، جي يو آءِ آئيني عدالت جي حق ۾ هئي، هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم نه دستور ۾ بهتري آڻيندي ۽ نه ئي عوامي مفاد کي پورو ڪندي،حڪومت عدليا کي مڪمل طور تي پنهنجي پَنجن هيٺان رکڻ چاهي ٿي، اسان آئين جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، مخالف ۽ هر مڪتبه فڪر کي اعتماد ۾ وٺي آئين ٺاهيو ويو هو، پيپلز پارٽي پڻ جمهوري نظام جي ابتڙ ڪردار ادا ڪيو، پيپلز پارٽي پنهنجي روايتن کي برقرار نه رکيو، 27 هين ترميم ۾ اهڙيون پيچيدگيون آهن جيڪي عدالت کي به سمجهه ۾ نه پيون اچن، ترميم پاس ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀني کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، 27 هين ترميم ۾ هڪ تاحيات ڇوٽ ڏني وئي، جنهن تحت آصف علي زرداري تي اڳ ۾ ڪيترن ئي سالن تائين جيل ۾ رکيو ويو هاڻ مٿس تاحيات ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهندو، 26 هين ترميم گڏيل صلاح مشوري سان اڳتي وڌي ۽ چئي سگهجي ٿو ته اتفاق راءِ سان منظور ٿي، اسان مسلسل چوندا رهياسين ته اهڙي ڪا ترميم منظور نه ٿيڻ گهرجي جيڪا متفقه ٽائٽل متاثر ڪري، 27 هين ترميم ۾ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري هو،هن چيو ته اهي ئي حڪمران جن هڪ سال اڳ 26هين آئيني ترميم ۾ تاحيات استثنيٰ ۽ آئيني عدالت جي مخالفت هئي، اڄ ساڳي حڪومت 27هين ترميم ۾ انهن سڀني ڳالهين کي قبول ڪري ورتو،هن چيو ته آصف زرداري مختلف الزامن ۾ 8 سال جيل ۾ گذاريا. 15 سال تائين کين عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو رهيو،هن تي مختلف ڪيس ادارن پاران هلايا ويا. اڄ هو اوچتو جڏهن هن منصب تي فائز ٿيو ته اهڙو معصوم بڻجي ويو جو هاڻي تاحيات هن تي ڪو به ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي،هن چيو ته اسان ته اهو سمجهي رهيا هئاسين ته هي پاڪستاني مسلم ليگ آهي پر ان جي اندر اڄ به غلامي جي دور جا جراثيم زندهه آهن،هن چيو ته هٿياربند فوجن جي سربراهن ڀارت کي جيڪو جواب ڏنو اسان ان جي ساراهه ڪئي پر ان جي پاداش ۾ انهن کي تاحيات مراعتون ڏنيون ويون آهن جنهن جي پاڪستان جو جمهوري معاشرو اجازت نٿو ڏئي،ان طرح ته ملڪ ۾ طبقاتي نظام پيدا ٿيندو،مان صدر ۽ ٽنهي فوجن جي سربراهن کي چوان ٿو ته ان ترميم تحت مليل ڇوٽ ۽ مراعتن کي اهي پاڻ ئي رد ڪن،جيڪڏهن خلفاءِ راشدين عدالت سامهون پيش ٿيندا هئا ته ڇا اسان جا حڪمران خلفاءِ راشدين کان به مٿي ٿي ويا آهن ڇا؟هن چيو ته جيڪڏهن آئين تڪراري ٿي وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي هڪ ملڪ نٿي رکي سگهي ۽ هڪ قوم نٿي بڻائي سگهي،هن چيو ته مساوات جا نعرا لڳائڻ ۽ ان جي ابتڙ قانون پاس ڪرڻ جمهوري معاشري جي شايان شان ناهي،آئيني عدالت جي معاملي ۾ چيف جسٽس ڪير سڏرائيندو؟اڃا ابهام باقي آهي،وفاقي شرعي عدالت جي فيصلن جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟اهو سوچيو ئي نه ويو،اسان جو مطالبو آهي ته وفاقي شريعت ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ اپيلٽ بئنچ کي فعال بڻايو وڃي،هن چيو ته ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي تي جيڪا قانون سازي ٿي ان تي عملدرآمد نه پيو ٿئي،اهي پنهنجي ڪيل قانون سازي سان به منافقت ڪري رهيا آهن،اسان اتحاد مدارس ۽ سمورن مڪتب فڪر سان رابطا ڪري رهيا آهيون،ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ سيمينار منعقد ڪيا ويندا،احتجاجي سلسلو شروع ڪيو ويندو،