عمران ۽ بشريٰ بي بي جي مختلف ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 9 مئي سميت ٻين ڪيسن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.  اسلام آباد جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني جي خلاف 9 مئي ۽ ٻين 5 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي غير موجودگي سبب ضمانت تي  درخواستن تي دليل نه ٿي سگهيا جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ باني کي عدالت ۾ يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ٻڌڻي کان پوءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت کان اڳ گرفتاري ۾ واڌ ڪندي ٻنهي کي 23 ڊسمبر تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ عدالت ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.