ڪريڊٽ ڪارڊ ٺاهيندڙ عورت سان زيادتي،وڊيو وائرل،جوابدار گرفتار نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نثار ڀنڀرو جي عدالت ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ ٺاهيندڙ عورت سان زيادتي ڪرڻ کان پوءِ  وڊيو وائرل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايس پي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته جوابدار زوهيب کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويا، جوابدار کي گرفتار ناهيون ڪري سگهيا، درخواست گذارجي وڪيل چيو ته روپوش جوابدار سوشل ميڊيا تي وڌيڪ تصويرون اپلوڊ ڪيون آهن، پوليس نه ته جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي ۽ نه ئي سوشل ميڊيا تان وڊيو هٽائي آهي، ايس پي جاچ چيو ته مون کي هن ڪيس جي جاچ ۾ گهڻي دلچسپي ناهي، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جاچ کان ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿي؟ توهان ڪير ٿيندا آهيو جو سرڪاري ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪريو پيا، هي ڪيس ڏسو، فيصلو اچڻ تائين پوليس کي ڇوٽ نه ملندي، عدالت هدايت ڪئي ته ڪيس جي جاچ ايڊيشنل آءِ جي جي حوالي ڪئي وڃي، ايڊيشنل آءِ جي پنهنجي ذاتي نگراني ۾ جاچ ڪندي روپوش جوابدار ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو وڃي، جاچ ۾ ناڪامي جو شڪار ٿيندڙ پوليس آفيسرن خلاف کاتي واري ڪارروائي ڪئي وڃي، سوشل ميڊيا تان عورت جون وڊيوز ۽ تصويرون هٽايون وڃن، عدالتي حڪم جون ڪاپيون آءِ جي پوليس کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو.

  1. پنجاب ۾ هڪ طرفي اليڪشن، عمران خان جي ڪمزور حڪمت عملي؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) تجزئي نگار ستار خان ڊجيٽل پليٽ فارم نيا دور تي ڳالهائيندي چيو ته ضمني چونڊن ۾، مسلم ليگ (ن) ڪلين سوئيپ ڪيو، 5 قومي اسيمبلي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي سيٽون کٽيون. مسلم ليگ (ن) لاهور، ڊيرا غازي خان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ اهم سيٽن تي به حيران ڪندڙ ڪاميابيون حاصل ڪيون. تجزيا نگارن جي مطابق، چونڊ مقابلو هڪ طرفو هو ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ پنجاب ۾ ميدان ۾ نه لهي. بحث ۾ اهو به چيو ويو ته عمران خان جي سياسي حڪمت عملي ڪمزور رهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ مريم نواز جي گورننس کي ڏنو پيو وڃي. هڪ سوال اهو به اٿاريو ويو ته نواز شريف، جيڪو ماضي ۾ هميشه سرگرم هو، تازو سياسي منظرنامي ۾ غير معمولي طور تي خاموش ڇو آهي.

  1. ڪرپشن جون ڪهاڻيون عام آهن، قانون جي حڪمراني ناهي : حسنين چوهاڻ

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ڪراچي جي اڳواڻ ۽ نامياري قانون دان ايڊووڪيٽ حسنين علي چوهان چيو آهي ته ملڪ ۾ عدالتي سڌارن جي نالي تي کنيل قدم اصل ۾ سياسي انجنيئرنگ ۽ مخصوص مفادن جي تحفظ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته بنيادي حقن جون خلاف ورزيون هاڻي روزاني معمول بڻجي چڪيون آهن، شهرين جي آزادي، سياسي سرگرمين ۽ اظهارِ راءِ تي پابنديون آئين جي آرٽيڪل 9، 10-اي، 19 ۽ 25 جي کلي ڀڃڪڙي آهي۔ هن چيو ته قانون جي حڪمراني کان سواءِ نه معيشيت مستحڪم ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ عدالتن تي دٻاءُ، انصاف تائين محدود رسائي ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف ڪوڙا ڪيس جمهوريت کي ڪمزور ڪري رهيا آهن،هن چيو ته  عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ وڌو ويو آهي، بيروزگاري ۽ بدحالي انتها تي آهي، جڏهن ته ڪرپشن جون وڏيون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.