گولاڙچي ڀرسان پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا

گولاڙچي (رپورٽ: عيدن زندپور) راھوڪي واسي عمر کوسو عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن پاران سندس ويڊيو جاري ڪئي وئي، گولاڙچي ڀرسان شھيد فاضل راھو جي نگري راھوڪي جي چڪ 12 جي ڳوٺ الاھي بخش کوسو واسي پورھيت عمر کوسو جي وڊيو جاري ڪئي وئي، جيڪو عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويو، وارثن موجب ڪجھه ڏينھن پھرين پورھيت عمر کوسو گھر جون ٻه ٻڪريون وڪڻي رابطي ۾ رھندڙ عورت جي عشق جي چڪر ۾ حيدرآباد پھتو ، جتان کيس اغوا ڪيو ويو، ڌاڙيلن ھي وڊيو موڪلي ھڪ ڪروڙ روپيه ڀنگ طلب ڪيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ صاحب غريب پورهيت جي آزادي لاءِ قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.