پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي موجوده سياسي ۽ تنظيمي رخ تي نظر وجهبي ته هڪ واضح حقيقت سامهون اچي ٿي. جماعت پنهنجي اندروني پاليسين، فيصلا سازي جي ڪمزورين ۽ حڪمراني جي نااهليءَ سبب آهستي آهستي زوال ڏانهن وڌي رهي آهي. هن تجزيي ۾ پيپلز پارٽي جي موجوده بحران کي سياسي تاريخ، تنظيمي ڍانچي ۽ سماجي روين جي روشني ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
1- پيپلز پارٽي جو سماجي ۽ نظرياتي سرمايو
ڊگهي عرصي تائين پيپلز پارٽي هڪ نظرياتي جماعت طور سڃاتي ويندي رهي، جنهن کي ادبي، فڪري ۽ دانشور حلقن، وڪيلن، صحافين، انجنيئرن، ڊاڪٽرن، ڪاروباري طبقن، شاگردن ۽ مزدور طبقي جي مڪمل حمايت حاصل هئي. اهي سماجي گروهه پ پ کي مذهبي شدت پسنديءَ جي مقابلي ۾ هڪ لبرل ۽ جمهوري قوت سمجهندا هئا.
ان ئي پس منظر ۾ پ پ کي ’’جمهوريت جي آخري اميد‘‘ پڻ سڏيو ويندو رهيو. پر گذريل ڏهاڪي دوران هي طبقو آهستي آهستي جماعت کان پري ٿو لڳي. اهو رويو چونڊن جي نتيجن، ساڃاه وند حلقن جي خاموشي ۽ شهري وچولي طبقي جي بي ڌياني مان صاف ظاهر ٿئي ٿو.
2- تنظيمي بگاڙ: اڳواڻ ۽ ڪارڪن جو رابطو ٽٽڻ:
تحقيق ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به سياسي جماعت جي طاقت ٻن بنيادن تي هوندي آهي: تنظيمي ڊسپلن ۽ نظرياتي ڪارڪنن جي موجودگي، پيپلز پارٽي ۾ اهي ٻئي ستون تيزيءَ سان ڪمزور ٿيا آهن. پراڻا ۽ نظرياتي ڪارڪن حاشيي تي هليا ويا. موقع پرست، وڏيرا طبقي، انتظامي اثر رسوخ رکندڙ گروهه ۽ ’’ٻاهر کان آيل‘‘ ماڻهو فيصلا سازي تي غالب اچي ويا. ’’فوڪل پرسن ۽ مفاداتي گروپ‘‘ وارو ڪلچر پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي ڪارڪن، جن مارشلائن دوران جيل ڪٽيا ۽ ڪوڙا کاڌا، اڄ فيصلا ساز دائري کان ٻاهر آهن، جڏهن ته ’’هڪ ڏينهن ۾ شامل ٿيندڙ‘‘ ماڻهو اهم عهدن تي ويهليل آهن۔
3- گورننس جو بحران: سنڌ جي ادارن ۽ وسيلن جو تباهه ٿيڻ
تحقيقي نقطي نظر کان ڏسجي ته پيپلز پارٽي جو اصل بحران گورننس ڊيفيسٽ آهي. اهو خال، جيڪو ڪنهن به جماعت جي مقبوليت کي اندر کان کاهي ٿو وجهي۔
تحقيقي طور ٽن وڏن مسئلن جي نشاندهي ٿئي ٿي:
(الف) ڪرپشن ۽ سرڪاري بدانتظامي:
نوڪرين جي وڪري، ٺيڪن ۾ ڪميشن، بدلي ۽ مقرريءَ جا ريٽ، ۽ ’’جيالو ڪلچر‘‘ بيوروڪريسي کي سخت نقصان پهچايو.
(ب) ادارن جو غير فعال ٿيڻ:
تعليم، صحت، بلديات، پوليس ۽ ترقياتي ادارا تقريباً ربڙ اسٽيمپ بڻجي ويا. پاليسي سازي ۾ تسلسل ختم ٿي ويو ۽ ادارا شخصي فيصلا سازي تي هلڻ لڳا۔
(ج) وسيلن جو غير شفاف استعمال:
سنڌ جو پاڻي، زمين، ساحليون، معدنيات، گئس ۽ ڪوئلو، اهي سڀ سياسي انتظام ۽ مالي مفادن جي ور چڙهيا. عام ماڻهو انهن وسيلن جا فائدا حاصل نه ڪري سگهيا.
4- سياسي تنھائي ۽ ڪمزور چونڊ پوزيشن
تحقيق ٻڌائي ٿي ته شهرن ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ واري حمايت برقرار ضرور آهي پر اها به اڳي جهڙي مضبوط ناهي. نئين ووٽر جي ترجيح تبديل ٿي چڪي آهي، پر جماعت ان کي نه سمجهي سگهي ۽ نه ئي ان مطابق حڪمت عملي ترتيب ڏئي سگهي. اڄ جماعت سياسي بيانيي، تنظيمي ڍانچي، چونڊن جي انگن اکرن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي، چئن ئي محاذن تي دفاعي پوزيشن ۾ نظر اچي ٿي.
5- زوال جي بنيادي سبب: خود احتسابي جو فقدان: هي بحران ڪا ٻاهرين سازش نه آهي. اهو مڪمل طور اندروني غلطيون آهن: غلط سياسي فيصلا، ماضي مان نه سکي سگهڻ، جاگيردارانه ڪلچر، مشاورتي عمل جو مرجانو، مفاداتي گروهن جو اثر، نظرياتي سوچ جو خاتمو
تحقيق انهن سببن کي ’’Self-Imposed Decline‘‘ يعني خود پيدا ڪيل زوال قرار ڏئي ٿي.
6- تحقيق ڇا ٻڌائي ٿي؟ رستو ڪهڙو آهي؟
سياست جي سائنسي مطالعي مطابق ڪنهن به جماعت جي بحالي لاءِ چار اهم نقطا ضروري آهن:
- ادارن جي بحالي ۽ اندروني احتساب
- نظرياتي ڪارڪنن جي واپسي ۽ تنظيمي صفائي
- گورننس ۾ شفافيت ۽ ميرٽ
- مستقبل جو واضح سياسي روڊ ميپ
جيڪڏهن انهن مان گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ رخ تي سنجيدگي سان ڪم ڪري، ته بحالي ممڪن آهي، نه ته زوال جو سفر جاري رهندو. پيپلز پارٽي اڄ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي جتي تحقيق، انگ اکر ۽ تاريخ سڀ اهو چئي رهيا آهن ته جماعت پنهنجي اصل قوت عوام، ڪارڪن، نظريو ۽ ادارا خود پنهنجي هٿن سان ڪمزور ڪيا. شاخ تي جماعت سالن ويٺي رهي، اڄ ساڳي شاخ اندروني تضادن، ڪمزور حڪمت عملي ۽ بدانتظامي سبب ڇڻي چڪي آهي. جيڪڏهن فوري ۽ سنجيده سڌارا نه آندا ويا، ته اهو زوال عارضي نه پر مستقل بڻجي سگهي ٿو.