ڊِپارچَر لائُونج تنوير عباسي جي ياد ۾

تحرير: ياسر قاضي

ادب جي کيتر ۾ چار شخصيتون خيرپور جي سُڃاڻپ آهن: ”حامي، تنوير، اميد ۽ حداد“ سنڌ جي ساهت کي جتي خيرپور، ڊاڪٽر عطا محمّد ’حاميءَ‘ جهڙو شيرين بيان شاعر ۽ سچل شناس محقق ڏنو، اتي تنوير عباسيءَ جھڙو سنڌي ٻوليءَ جو نمائندو جديد شاعر توڙي سچل ۽ ڀٽائيءَ جو شارح ڏنو… ’قطعي جو بادشاهه‘ شاعر اميد خيرپوري ڏنو… ته سچل جو هڪ ٻيو عاشق قلم ڌڻي ۽ ان کان به وڏو ڪارڪن، محمّد علي حداد ڏنو.

اڄ خيرپور انھن چئني بنا ٻُسي آهي. ڪئلينڊر پيو ٻڌائي ته اڄ تنوير کي اسان کان ۽ سنڌ کان وڇڙئي 26 سال ٿي ويا. جو 25 نومبر 1999ع تي تنوير، ايڪيهين صديءَ جي ظھُور پذير ٿيڻ کان هڪ سال اڳ ئي، سنڌ کان موڪلايو.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو مون پھريون ڀيرو ڪڏهن ٻُڌو، مونکي ياد ناهي. ڇاڪاڻ ته اسان پنھنجي گهر ۾ عقل واريءَ عمر ۾ ايندي ئي سنڌ جي ساهتڪارن جو ذڪر ايئن ٻُڌندا آيا آهيون، ڄڻ اهي اسانجا پنھنجا گهر ڀاتي هجن. ابُو ٻُڌائيندو هو: ”هي ڊاڪٽر تنوير عباسي آهي… ’تنوير چئي‘ ڪتاب وارو… اوهان جيڪو ڪتاب پڙهندا آهيو نه ’ٻاراڻا ٻولَ‘، اهو ڊاڪٽر صاحب جو ترتيب ڏنل آهي… ۽ اهو جيڪو بيت پڙهو ٿا نه ’آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايُون… ڀاءُ! گهڙي کن دل وندرايون…‘ اهو ان جي ڀاءُ الطاف عباسيءَ جو لکيل آهي… جيڪو 1978ع ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو…“ وغيره… ان طرح سان ادب جي جن معمارن جو تعارف ٻڌبو، ته ڀلا اهو زندگي ڀر ڪيئن ٿو وسري سگهي!؟ ۽ ان کانپوءِ ٻالجتيءَ کان ئي هر سال حامي صاحب جي ورسيءَ تي تنوير صاحب کي ميلو مچائيندڙن ۾ ابوءَ وارن سان گڏ ڏٺوسين. ان کانسواءِ هر سال والد صاحب ڏانهن سچل سائينءَ جي عرس تي منعقد ٿيندڙ  ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي تنوير صاحب جي هٿ اکرن ۾ ايندڙ دعوت واري خط سان بيحد پراڻي آشنائي اٿم، جيڪو سمورو خط تنوير صاحب جي ئي اکرن ۾ لکيل فوٽو اسٽيٽ ٿيل هوندو هو، جنهن جي نالي واري جاءِ تي مٿان لفظ ’محترم‘ کانپوءِ ابوءَ جو نالو (مقصود گل) ڌار پين سان لکيل هوندو هو. مونکي ان خط جا آخري جملا ڏاڍا دلچسپ لڳندا هئا، جيڪي ظاهر آهي ته هر سال ساڳيا ئي هوندا هئا: ”هن نينڍ جو جواب ڏئي پنھنجي آمد جي پڪ ڏيندا ته جيئن اوهانجي طعام ۽ قيام جو جوڳو انتظام ڪري سگهجي ۽ اوهانجي مناسب ريت آجيان ڪري سگهجي!“ (اهڙو ئي خط دادوءَ مان قلندر جي ميلي تي منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس لاءِ سائين تاج صحرائيءَ پاران ۽ حيدرآباد مان ڀٽائيءَ جي ميلي جي ادبي ڪانفرنس لاءِ حميد سنڌي صاحب پاران پڻ هر سال موصول ٿيندو هو.)

مون جن ادبي شخصيتن کي زندگيءَ ۾ پھريان پھريان خط لکيا هئا، تن ۾ سائين ادل سومرو، سائين تاج صحرائي ۽ سائين تنوير عباسي شامل آهن. جن کي خط لکڻ لاءِ والد صاحب پاڻ اُتساهيو هو. تنوير سائينءَ کي پھريون خط مون ڪيئن لکيو؟ سندن نظم ريڊيي تي ٻُڌم:

هر ڪو ماڻھُو، موتيءَ داڻو

هر ڪا دل هِيرن جي کاڻ

ڄاڻي ڏس ته سَھي اڻ ڄاڻ…

ته منھنجي پتڪڙي ذهن ۾ سوال پيدا ٿيو ته هر ماڻھو سٺو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. جڏهن ته پوئين مھيني ئي مون ڀٽائي سرڪار تي اسڪول ۾ ٿيندڙ لطيف تقريري مقابلي ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، ان ۾ ته ابُوءَ اهو شعر لکي ڏنو هو:

ماڻھو سڀ نه سُھڻا، پکي سڀ نه هنجَ

ڪنھن ڪنھن ماڻھُوءَ منجهه، اچي بُوءِ بھارَ جِي

ته پوءِ ٻنھي ۾ تضاد ڇو!؟

ابُوءَ کان اهو سوال ڪيم ته هن چيو اهو تون پاڻ تنوير صاحب کان پڇ! مون چيو انهن کان ڪيئن پُڇان!؟ ته چيائون: انھن کي خط لک! (ڪيڏو ڪمال انداز هو اهو اولاد جي ساهتي تربيت ڪرڻ ۽ منجهن اعتماد پيدا ڪرڻ جو!) مان سمجهان ٿو ان وقت مان بمشڪل چوٿين يا پنجين ڪلاس ۾ هوندس. مون تنوير صاحب کي، ان عمر جي لحاظ کان پنھنجي عقل آهر، ادب ۽ احترام جا سڀ پئمانا نظر ۾ رکندي، خط لکيو ۽ اهو سوال ڪيو ته ”سائين، ڀٽائي سرڪار هڪڙي ڳالهه ٿو ڪري… اوهان ٻي ڳالهه ٿا ڪريو… اوهان ٻنهي جي ڳالھين ۾ ٽڪراءُ ڇو آهي!؟ ۽ ٻيو ته هر ماڻھو ڀلو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته منھنجي ڪلاس جا سڀ ڇوڪرا به پنھنجين عادتن ۾ هڪجهڙا نه آهن.“

منھنجي عمر تڏهن ايتري ننڍي هئي ۽ عقل ايترو محدود هو، جو جڏهن ابُوءَ اهو خط روانو ڪرڻ لاءِ منھنجن ئي هٿ اکرن ۾ ٽپال جي لفافي ٻاهران تنوير صاحب جي ائڊريس ”محترم تنوير عباسي ــ ’سرمد جو گهر‘ خيرپور ميرس“ پئي لکرائي ته منھنجي معصُوم ذهنَ اهو پئي سوچيو ته تنوير صاحب، سرمد نالي شخص جي گهر ۾ ڇو ٿو رهي!؟ ان وٽ پنھنجو گهر ڪونهي ڇا!؟ (نوٽ: تنوير صاحب پنھنجي گهر جو نالو پنھنجي پٽ ’سرمد‘ جي نالي رکيو هو.)

تنوير عباسي صاحب کي ٻيون خط به مون ابوءَ جي ئي چوڻ تي تڏهن لکيو هو، جڏهن کين ڪوئي اهم ايوارڊ مليو هو. مون ان جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ کين خط لکيو هو. جنھن جي جواب ۾ هنن ٿورا مڃيندي، جوابي خط ۾ پنھنجو هي شعر به لکيو هو:

مون ته گلابَ لڳايا آهن

پوپٽَ پاڻهي آيا آهن

1989ع ۾ خيرپور جي ڪرنل شاھه هاسٽل ۾ ’سگا‘ (سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن) پاران منعقد ٿيندڙ ”ڪل سنڌ نؤجوان ميلي“ ۾ مشاعري جي مقابلي ۾ جڏهن مون ستين ڪلاس جي شاگرد جي حيثيت سان پوريءَ سنڌ ۾ پھرين پوزيشن کنئي ته ان مشاعري جي صدارت تنوير عباسي صاحب پئي ڪئي، جڏهن ته ججن ۾ سائين ادل سومرو ۽ سائين اياز گل شامل هئا. ان زماني ۾ پوري ملڪ ۾ ڪاٺ جي اسٽينڊ سان اسٽيل جُون جيڪي ٽرافيون اهڙن مقابلن ۾ ڏيڻ جو رواج هو، مونکي ان کان اڳ ان قسم جون ٽرافيون ٽيليويزن تي ڏسي اندر ۾ ٻاراڻي اِڇا جاڳندي هئي ۽ حسرت ڪَرُ کڻندي هئي ته مونکي اهڙي ٽرافي ڪڏهن ملندي! ان مشاعري جي شروعات کان وٺي اسٽيج تي سينگاريلَ انهن چمڪيلين ٽرافين کي حسرت مان ڏسي ٿڌا ساهه پئي ڀريم ته ڪاش انھن مان وڏي ۾ وڏي ٽرافي مونکي ملي! ۽ جڏهن آخر ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ طور منھنجو نالو انائونس ٿيو ته منھنجو پير زمين تي نه هو. وري جڏهن مونکي اها ٽرافي ڏيڻ لاءِ تنوير صاحب کي چيو ويو ته مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو ته مان خوشيءَ جو اظهار ڪيئن ڪيان! ڇاڪاڻ ته تنوير جو ادبي قد ڪاٺ ۽ مقام، سانڀر کان وٺي معلوم هو. اهو لمحو منھنجي ٻالڪپڻ جي حاصلات جو هڪ حسين لمحو هو، جڏهن مون مشاعري ۾ پھرين پوزيشن جي ٽرافي سنڌ جي هن سرموڙ شاعر جي هٿان ورتي. ان محفل ۾ والد صاحب به موجود هو. محفل برخواست ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ابُوءَ، سائين تنوير سان مونکي ٻيھر ملرائي کيس ٻڌايو ته ”هي منھنجو پُٽ آهي!“ ته تنوير جو پاٻوهه مان پاتل ڀاڪُر ۽ ڳل تي اُڪير مان ڏنل چُمي ان ٽرافيءَ کان به وڏو انعام هو. ساڻس گڏ حميد سنڌي صاحب به موجود هو ۽ ان به ابُوءَ پاران اهڙي تعارف ڪرائڻ تي ساڳئيءَ ٻاجهه جو اظھار ڪيو هو.

1999ع ۾ تنوير جو لاڏاڻو ٿيو ته ان ڏينھن سڄيءَ سنڌ، خاص طور خيرپور جي علمي ادبي حلقن ۾ سوڳ هو. ڇاڪاڻ ته تنوير رڳو هڪ سرموڙ اديب ئي نه هو، بلڪه ادب جي نرسري هو ۽ خيرپور سکر ۽ پسگردائيءَ جي هر جونيئر اديب لاءِ اتساهه هو… ان جو گائيڊ هو… مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته ان ڏينھن ريڊيو پاڪستان خيرپور جو هر پروگرام جھڙوڪرتنوير جي وڇوڙي جو تعزيتي پروگرام بڻجي ويو هو. هر پروگرام ۾ سندس ذڪر هو، سندس گيت پئي وڳا ۽ سندس ڳُڻَ پئي ڳايا ويا.

تنوير جو لاڏاڻو ٻه ڀيرا ٿيو. هڪ تڏهن، جڏهن هن نه چاهيندي به خيرپور ڇڏي ۽ وڃي وفاقي راڄڌانيءَ جا وڻَ وسايائين، ٻيون ڀيرو، جڏهن هن اسلام آباد ۾ هي لوڪ ڇڏيو. تنوير جي وڃڻ کانپوءِ ’سرمد جي گهر‘ جون رونقون اُجڙِي ويون… روڊ مٿي ٿيندو ويو ۽ سرمد جو گهر روڊ جي سطح کان هيٺ ٿيندو ويو. خيرپور ته تڏهن ئي ويران ٿي وئي هئي، جڏهن تنوير خيرپور ڇڏي، پر سندس لاڏاڻي پُڄاڻان خيرپور جو واسُ ئي وڇڙي ويو. ڪجهه عرصو تنوير جو اهو گهر، شاهه لطيف يونيورسٽيءَ پاران قائم ڪيل ”وومينس چيئر“ جي آفيس جي عمارت بڻيو. رستو اڃا مٿڀرو ٿيندو ويو. عمارت هيٺ دٻجندي وئي. ايتري قدر جو مِينهن پوڻ جي صورت ۾ عمارت باراني پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي هئي ۽ اها ويران عمارت ڏسي، نيڻ احساس جي پاڻيءَ سان… ايئن لڳو ڄڻ تنوير سان گڏ اهو گهر ئي دفن ٿي ويو. جيتوڻيڪ تنوير جو ظاهري مدفن اسلام آباد بڻيو.

هاڻي مان جڏهن به اسلام آباد ويندو آهيان، ته ’ايڇ 8‘ جي قبرستان ۾ وقت ڪڍي به ويندو آهيان. جي اڪادمي ادبيات جي ’رائيٽرس هائوس‘ ۾ ترسيل هوندو آهيان، ته اتان پنڌ ئي هن شهرِ خموشان ڏانھن نڪري ويندو آهيان، جيڪو اتان ويجهو ئي آهي. احمد فراز، پروين شاڪر، جوش صاحب، ممتاز مفتيءَ ۽ ڊاڪٽر اي. ڪيُو. ڪي افغان سان ملاقات سان گڏ اتي وڃڻ جو اصل سبب تنوير صاحب سان ملڻ هوندو آهي. سندس مرقد جي مٿان بيھي کيس گلن ساڻ سندس خوبصورت ٻولن جي ورکا به پيش ڪندو آهيان ۽ سندس حسِين شعرَ ان چاهه ۽ ساءَ سان پڙهندو آهيان، ڄڻ هُو پاڻ مونکي ٻُڌندو هجي ۽ پنھنجن ئي شعرن جي روانيءَ تي ڪنڌُ ڌُوڻيندو هجي!

جهولُ خالي ڪري آيس ان لئه،

توکان ڪجهه آءٌ گهرڻ ٿو چاهيان

توسان مان عشقَ جو اظھارُ ڪري،

تُنھنجِي حيراني ڏسڻ ٿو چاھيان

پر هاڻ جڏهن مان خيرپور ۾ ميرواهه تي ٺھيل خاڪي شاهه جي پُل وٽان گذرندو آهيان، ته نه اتي اهو ’سرمد جو گهر‘ آهي، نه ’وومينز چيئر‘ جي اها آفيس… اتي هاڻي ’جان بيڪري‘ آهي… جتي ڪيڪن ۽ پيسٽرين جو هڳاءُ ته آهي، پر سخن جي سرهاڻ ڪانهي… ميرواهه جون لھرون ته آهن، پر تَـرَ جي جونيئر قلمڪارن ۾ اتساهه ورڇيندڙ سمنڊَ جُون ڇوليون ڪونھن… پوپٽَ ته اڪيچار آهن، اهو گلاب ڪونهي، جنھن تي پوپٽ مِڙي ايندا هئا.

سچ ٻڌائج او گُل! بجز ”تنوير“

ڪنهن کي ويران ڏٺئه بهارن ۾

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.