رپورٽون آهن ته سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي وارو معاملو وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار ڪارونجهر جو ڪيس سپريم ڪورٽ مان منتقل ڪرائي وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪرائي تاريخ مقرر ڪرائي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ممڪن آهي ته ڪارونجهر متعلق سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ريورس ڪرايو وڃي.
انهيءَ سلسلي ۾ ڪارونجهر جبل جو ڪيس وڙهندڙ وڪيلن جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو ان کي هينئر سنڌ حڪومت آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي. آئيني عدالت طرفان اسان کي نوٽيس پڻ ملي ويا آهن. بهرحال اسان ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ پنهنجي پئنل سميت ڪيس وڙهنداسين. هنن چيو ته 27 هين ترميم پويان اصل مقصد به مظلوم قومن جا وسيلا، پاڻي، معدنيات ۽ زمين ڦرڻ آهي. ٻئي پاسي ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ چاچا الهه رکيو کوسي جو چوڻ آهي ته هنن طالم حڪمرانن کي آخر ڪئين سمجهائجي ته ڪارونجهر صرف هڪ جبل ناهي پر هي مقامي ماڻهن جي پاڻي جو واحد معاشي ذريعو پڻ آهي ٻيو ته چوپائي مال جي چراگاهه، ناياب جهنگلي جيوت جي آخري پناهه گاهه، سوين جڙي ٻوٽين جو ماڳ، هرڻن، روجهن (نيل گائي) مورن، سارمن ۽ ٻين ڪيترن پکين جو ملڪ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي ڏنل تاريخي فيصلي خلاف وفاقي آئيني عدالت ۾ ان کي چئلينج ڪيو آهي جنهن جو مقصد سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد ڪرائڻ آهي پر ان کي ياد رکڻ گهرجي ته ملڪ ۽ بين الاقوامي قانون کين اهڙي اجازت نٿو ڏئي ته لکين ڪروڙين جاندارن کان جيئڻ جو حق کسيو وڃي. سو فطرت سان پيار ڪندڙ ۽ مقامي ماڻهون ڪلهه به ڪارونجهر جي دفاع لاءِ گڏ هيا اڄ به گڏ آهن ۽ هميشه گڏ هوندا.
اسان به سنڌ حڪومت جي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف ڏنل فيصلي کي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪيون ٿا ۽ افسوس توڙي حيرت جو اظهار ڪيون ٿا ته جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ان جي ڪٽائي کي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت ان فيصلي کي دل سان ڇو نه ٿي تسليم ڪري ۽ ان کي پارلياماني آئيني عدالت ۾ ڇو چئلينج ڪري رهي آهي. سنڌ سرڪار کي آخر هاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي ڇو اعتراض آهي ۽ ڇو ايڏي بي چيني آهي جو اهو فيصلو ان کي قبولڻ ڏکيو ٿو لڳي. عام تاثر اهو آهي ۽ ڪارونجهر جبل جي حق ۾ ڪيس وڙهندڙ اڳواڻن جو به اهو ئي خيال آهي ته اصل ۾ سنڌ حڪومت اهو پراڻو فيصلو رورس ڪرائڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن واقعي به ائين آهي ته پوءِ اسان ان کي سازش تصور ڪنداسين ۽ ان حوالي سان ڪجهه سوال به رکنداسين.
ڪارونجهر جبل جي حق ۾ ڏنل فيصلي کي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جي حوالي سان پهريون سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا حڪومتون عدالتن جي صرف ان فيصلي کي قبول ڪنديون جيڪي سندن فائدي ۽ خواهش پٽاندڙ هوندو. جيڪڏهن ائين آهي ته اهو انتهائي افسوس جوڳو رويو ۽ غلط مثال آهي جيڪو سنڌ حڪومت قائم ڪري رهي آهي. جڏهن ته اصولن حڪومتن کي عدالت جي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن حڪومتون ئي عدالت جي فيصلن کي دلي طور قبول نه ڪنديون ته پوءِ عام ماڻهو ڪئين قبول ڪندا. ٻيو سوال اهو آهي ته ائين ڪرڻ سان اهو تاثر نه جڙندو ته موجوده حڪومت ان ڪري ئي اها آئيني پارلياماني عدالت جوڙي آهي ته جيئن ان عدالت ذريعي حڪومت پنهنجا من پسند حڪومتي مفادن وارا فيصلا ڪرائي؟
اسان سمجهون ٿا ته ڪارونجهر جي ڪٽائي جي خلاف ڏنل سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ان ڪري به درست آهي ته سنڌي قوم به ان جي حق ۾ آهي. جمهوري روح جي به اصل ۾ اها تقاضا هئڻ گهرجي ته اها عوام جي امنگن ۽ مفادن جو خيال ڪري. ها حڪومت کي البته اهڙن عدالتي فيصلن کي چئلينج ڪرڻ گهرجي، جيڪي سندن خيال ۾ عوام دشمن هجن. پوءِ عوام جي مفاد ۾ ۽ ان جي خواهشن پٽاندڙ ڪنهن عدالتي تڪراري فيصلي کي اها چئلينج ڪري سگهي ٿي پر اهڙي ڪنهن عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو ان کي ڪو حق ناهي جيڪو جائز ۽ عوام جي مفاد ۾ هجي. جئين ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڏنو فيصلو آهي جنهن کي سنڌ جو عوام به قبول ڪري ٿو ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت ان تي بضد ڇو آهي ته ڪا عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ واري فيصلي کي رد ڪري؟ اهو رويو پنهنجي جوهر ۾ غير جمهوري آهي.
سنڌ حڪومت جي ان عمل سان اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته آئيني پارلياماني عدالت کي قائم ئي ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن حڪومتون پنهنجن مفادن وارا فيصلا اتان منظور ڪرائين. ان سان حقيقي طور تي اهي آئيني عدالتون جيڪي پهرين ڏينهن ئي تڪراري بڻجي چڪيون آهن سي وڌيڪ تڪراري بڻجي وينديون جنهن جي شروعات سنڌ حڪومت ڪئي آهي ۽ ان جو خدشو اڳ ۾ ئي سپريم ڪورٽ جي ججن، سڄي ملڪ جي وڪيل برادريءَ، سياسي جماعتن پئي ڏيکاريو آهي. تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته اها تڪراري فيصلن کان پاسو ڪري ۽ ملڪ جي عوام کي پنهنجن غلط فيصلن سبب پريشان نه ڪري جو اهو سراپا احتجاج بڻجي وڃي.
جڏهن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي خلاف عدالتي فيصلو اچي چڪو آهي ۽ سنڌي قوم ان کي سرهائي مان قبول به ڪيو آهي ته آخر سنڌ سرڪار کي ڇو ٿي پريشاني محسوس ٿئي. ڇا اهو سٺو لڳندو ته سنڌ حڪومت ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي حمايت ۾ فيصلو وٺي جنهن کي ٿر جي عوام سميت سڄي سنڌي قوم قبول نه ڪري ته ڇا اهو عمل صحيح رهندو.
سو اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اها حقيقي جمهوري حڪومت جو ڪردار ادا ڪندي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف آيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي دل سان قبول ڪري جو ان تي سنڌي قوم به خوش ۽ مطمئن آهي حڪومت جو بنيادي ڪم به اهوئي هئڻ گهرجي ته اها عوام جي رضا ۾ راضي رهي ۽ ان جي مفادن کي اوليت ڏئي پر جيڪا حڪومت عوام کي پٺي ڏئي ڪري ان جي مفادن خلاف فيصلا ڪندي سا غير جمهوري ۽ آمراڻي حڪومت ئي سڏائيندي.