اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪندي سپريم ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.
وفاقي آئيني عدالت ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي درخواست تي انٽرا ڪورٽ اپيل کي سپريم ڪورٽ ڏانهن واپس موڪلڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ ججز ٽرانسفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز طرفان عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ ججز جي تبديلي کي اڪثريتي راءِ سان درست قرار ڏنو هو.
ججز ٽرانسفر ڪيس: آئيني عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي اپيل رد ڪري ڇڏي
You might also like