ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار ڌرميندر 89 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، سومر ڏينهن ڌرميندر ممبئي ۾ پنهنجي گهر آخري ساهه کنيو، جڏهنته سندس رهائشگاهه ٻاهران ڪيترن ئي بالي ووڊ ستارن ۽ گهروارن کي اڇن ڪپڙن ايندي ۽ ويندو ڏٺو ويو.
واضح رهي ته ليجنڊري اداڪار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، ڪجهه ڏينهن اڳ کيس ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ پڻ داخل ڪيو ويو هو.
نامياري فلمساز ڪرن جوهر به انسٽاگرام تي ڌرميندر جي وفات جي تصديق ڪئي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڌرميندر کي ٻه هفتا اڳ ساهه سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جڏهن ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ سندس اکين جو آپريشن پڻ ٿيو هو .
رپورٽن موجب، ڌرميندر پنهنجي آخري ڀير فلم ”اَڪيس“ ۾اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا، جيڪا هلندڙ سال 25 ڊسمبر تي رليز ٿيندي.
واضح رهي ته ڌرميندر پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1960 ۾ فلم ”دل ڀي تيرا هم ڀي تيري“ کان ڪئي هئي.
سال 2012 ۾ ڀارتي سرڪار طرفان کيس ملڪ جي ٽئين وڏي شهري اعزاز ”پدم ڀوشن“ سان نوازيو ويو هو.
بالي ووڊ ليجنڊري اداڪار ڌرميندر، 8 ڊسمبر 1935ع تي گڏيل هندوستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي لڌيانا جي ڳوٺ نصرالي ۾ هڪ پنجابي گهراڻي ۾ ڄائو.
هن جو پورو نالو ڌرميندر ڪيول ڪرشن ديول آهي، ۽ سندس اباڻو ڳوٺ ڊانگون آهي، جيڪو پکوال تعلقي راڪوٽ، لڌيانا ضلعي ۾ اچي ٿو1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڌرميندر هڪ فلمي مقابلي ۾ حصو ورتو هو.
هڪ انٽرويو هن ٻڌايو هو ته ” ڳوٺ ۾ ڪو اسٽوڊيو نه هو، تنهنڪري ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي اسٽوڊيو ۾ پنهنجي تصوير ڪڍرائي مقابلي لاءِ موڪلي.“
ان کانپوءِ هو فلم فيئر مقابلي لاءِ چونڊيو ويو ۽ اتان کان سندس فلمي سفر شروع ٿيو.
ان انٽرويوءَ ۾ هن چيو هوته ” دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مداح هن ڏانهن پيار ڀريا سنهيا موڪلين ٿا، جنهن ۾ پاڪستان کان ويندي نائيجيريا تائين ماڻهن جا خط اچن ٿا، اِهي پيغام مون کي توانائي بخشن ٿا ۽ مان هن عمر ۾ به پاڻ کي جوان ڀانيان ٿو. “
فلم انڊسٽري ۾ اچڻ کان اڳ هن 1954 ۾ 19 ورهين جي عمر ۾ پريڪاش ڪور سان شادي ڪئي، جنهن کان کيس اداڪار سني ديول ۽ بوبي ديول سميت ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.
ڌرميندر جي اداڪارا هيما مالني سان جوڙي ڏاڍي مشهور ٿي ۽ پوءِ ٻنهي هميشه هميشه لاءِ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، جوڙي کي ٻن نياڻين جو اولاد آهي.
پنهنجي اداڪاريءَ بابت هڪ ڀيري ڌرميندر تبصرو ڪندي چيو هو ته ” اداڪاري منهنجي محبوبه آهي، جيئن عاشق معشوق ۾ ڪڏهن، ڪڏهن رُسامو ٿيندو آهي، ائين ئي ڪڏهن مان رُسي ويندو آهيان ته هوءَ پرچائيندي آهي، ڪڏهن هوءَ ڪاوڙجي ويندي آهي مان ميڙ منٿ ڪندو آهيان، پر اسان هڪ ٻئي جو ساٿ ناهي ڇڏيو.“
هو جنهن کي فلم ڪندي پتو پئجي ويندو هو ته اِها هلندي يا نه، پر پوءِ به ڪيئي ڪارڻ هوندا هئا جنهن سبب کيس انهن فلمن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو.
هن مڃيو ته سندس پٽن سني ۽ بوبي ديول سان گڏ ٺاهيل فلم” يملا، پگلا، ديوانا ٽو “ جي ڪهاڻي تي محنت نه ڪئي وئي ۽ اِها فلم سڀ کان وڏي غلطي هئي.
ڌرميندر جو دليپ ڪمار سان جذباتي لڳاءُ هو، اردوءَ سان به هن جي دلچسپي آهي، جنهن جو اهم ڪارڻ اِهو هو ته هن جي تعليم ۽ تربيت به ان ئي ٻولي ۾ ٿي ۽ هو پاڻ به شاعري ڪندو آهي، اردو جي حوالي سان هن جو خيال آهي :
احسان مند هون زبان اردو تيري زبان ۾ بيان احساسِ دل آ گيا.
ڇهن ڏهاڪن تي پکڙيل پنهنجي ڪيريئر ۾ ڌرميندر ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ ڪم ڪوي جن ۾ شعلي، ميرا نام جوڪر ، ڪاجل، راجا راني، ڌرم وير، چپڪي، چپڪي، آنکين، ميري همدم ميري دوست، آيان ساون جهوم ڪي، ميرا گائون ميرا ديش، لوفر، اپني شامل آهن.
پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به ڌرميندر جو مداح هو، 2014ع ۾ جڏهن ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ نواز شريف دهلي آيا هو، تڏهن هن ڌرميندر سان به ملاقات ڪئي هئي.
You might also like