ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني 88 ڪروڙ گيلن پاڻي جي کوٽ: واٽر ڪارپوريشن

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي واٽر ڪارپوريشن نومبر مهيني دوران پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي بندش بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن، جن موجب بجلي جي بندش سبب شهر کي مجموعي طور 88 ڪروڙ گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ڌاٻيجي ۾ ڪل 132 ڪلاڪ ۽ 20 منٽن جي بجلي بندش سبب 42 ڪروڙ گيلن پاڻي گهٽ فراهم ٿيو، جڏهن ته ڊملوٽي ۾ 146 ڪلاڪ بجلي بند رهڻ ڪري 111 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، ترجمان جو چوڻ آهي ته نارٿ ايسٽ ڪراچي پمپنگ اسٽيشن تي 335 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ سامهون آئي، جڏهن ته حب ۽ پپري پمپنگ اسٽيشنن تي به 66 لک گيلن پاڻي گهٽ فراهم ٿيو، واٽر ڪارپوريشن جي رپورٽ موجب گهارو پمپنگ اسٽيشن تي به 20 لک گيلن پاڻي جي کوٽ سامهون آئي، ترجمان وڌيڪ چيو ته نومبر دوران مسلسل بجلي بندش سبب مرڪزي پمپنگ اسٽيشنن جو آپريشن ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين متاثر رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.