فيصل آباد ۽ هري پور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جون وڊيوز وائرل، هڪ ڄڻو گرفتار

لاهور (بيورو) قومي ۽ پنجاب اسيمبليءَ جي 13 سيٽن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران فيصل آباد ۽ هري پور ۾ ووٽرن پاران ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن تي اليڪشن ڪميشن سخت نوٽيس وٺندي بيلٽ پيپرز جي رازداري بابت خدشن جو اظهار ڪيو، رپورٽن موجب فيصل آباد جي تڪ پي پي 98 ۾ چڪ جهمره پولنگ اسٽيشن تي هڪ ووٽر جي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ووٽر کي پولنگ اسٽيشن اندر بيلٽ پيپر تي مهر لڳائيندي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو، هري پور جي تڪ اين اي 18 ۾ به ضمني چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي کلي ڀڃڪڙي سامهون آئي، جتي ووٽرن پولنگ اسٽيشن اندر ووٽ ڪاسٽ ڪندي موبائل فون ذريعي بيلٽ پيپرز جون وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ شيئر ڪيون، اليڪشن ڪميشن وائرل ٿيل بيلٽ پيپرز جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته بيلٽ پيپر جي رازداري هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي. ٻئي پاسي فيصل آباد ۾ پولنگ دوران ووٽ جي تصوير ٺاهيندڙ شخص کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.