فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ اڳوڻي وفاقي وزير عابد شير علي جي سرعام بيلٽ پيپر تي مهر لڳائڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، چونڊ ضابطه اخلاق موجب بيلٽ پيپر تي مهر ووٽنگ شيلڊ جي پوئتي حصي ۾ لڳائڻ لازمي آهي پر عابد شير علي چونڊ عملي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي موجودگي ۾ پنهنجي پارٽي جي نشان (شينهن) تي مهر لڳائي ڇڏي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي، عابد شير علي مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي.
-
حماد اظهر جو اين اي 129 ۾ فارم 45 غائب هجڻ جو الزام ڪوڙو آهي: اليڪشن ڪميشن
اسلام آباد (بيور) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حماد اظهر جو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 ۾ فارم 45 ’غائب‘ هجڻ جو الزام بي بنياد آهي، گذريل رات ايڪس تي جاري بيان ۾ حماد اظهر دعويٰ ڪئي هئي ته هُن کي اطلاع مليو آهي ته ننڍي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران مهيا ڪيل سامان مان ڪيترن ئي پولنگ آفيسر جي لاءِ فارم 45 غائب هئا، هن چيو ته هي چونڊ جي عمل جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان هدا گوهر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ملندڙ شڪايتن جي تصديق پهريان لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشنر کان ڪئي ويندي آهي ۽ حاصل ٿيل رپورٽ موجب ڪابه غير معمولي ڳالهه سامهون نه آئي آهي، فارم 45 ۾ پولنگ اسٽيشن جو نمبر، تڪ، رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل انگ، ڪل ووٽ ۽ هر اميدوار جي حق ۾ ڪيترا ووٽ پيا جا تفصيل شامل هوندا آهن.