لاهور(پ ر) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) پنهنجي 39هين سالياني عام اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ملڪ ۾ آئيني جمهوريت، شهري آزاديَن ۽ ڪمزور برادرين جي سلامتي کي درپيش وڌندڙ خطرن ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ايڇ آر سي پي کي 27هين آئيني ترميم بابت سخت ڳڻتي آهي، جيڪا عدليه جي آزادي کي متاثر ڪري ٿي ۽ انتظاميا کي انهن معاملن ۾ مداخلت جو اختيار وڌائي ٿي هي ترميم رياستي ادارن تي عوامي اعتماد اڳ ئي ڪمزور هوندي به ضروري چيڪ اينڊ بيلنس کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ٿي،بيان ۾ چيو ويو ته سرڪاري عهدا رکندڙن لاءِ تاحيات ڇوٽ ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ بي حساب طاقت مرڪوز ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان پارليامينٽ جي بالادستي به متاثر ٿي آهي.ايڇ آر سي پي زور ڏئي ٿي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بااختيار چونڊيل مڪاني حڪومتون انتهائي ضروري آهن.خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف حڪومتي قدمن کي بنيادي آزاديَن ۽ اختلافِ راءِ جي حق جو مڪمل تحفظ ڪرڻ گهرجي. بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ انٽرنيٽ بندشون تعليم، روزگار ۽ سياسي شرڪت کي سخت متاثر ڪري رهيون آهن، جيڪي فوري طور ختم ٿيڻ گهرجن،ايڇ آر سي پي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اهي انساني حقن جو احترام ڪندڙ سيڪيورٽي پاليسيون اختيار ڪن، رياستي اهلڪارن جي زيادتين جي غيرجانبدار جاچ ڪرائن ۽ مقامي برادرين سان سنجيدگيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪن. بيان ۾ چيو ويو ته مذھبي اقليتون، خاص طور تي احمدي برادري، مسلسل هجوم جي تشدد، عبادتگاهن تي حملن ۽ قبرن جي بي حرمتي جو نشانو بڻجي رهيون آهن. رياست کي انهن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ، نفرت انگيزي ۽ تشدد لاءِ اُڪسانندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ توهين مذهب قانون جي غلط استعمال بابت تجويز ڪيل ڪميشن کي فعال ڪرڻ سان گڏ جبري مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف قانون سازي ڪرڻ گهرجي.ٻارن جون شاديون اڃا به وڏي پيماني تي جاري آهن، جيڪي ڇوڪرين جي صحت، تعليم ۽ مستقبل کي شديد نقصان پهچائن ٿيون،ايڇ آر سي پي مطالبو ڪري ٿو ته قانون ۾ هڪجهڙي طرح ”نابالغ“ جي تعريف ڪئي وڃي ۽ 18 سالن کان هيٺ سڀ شادين کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي. تعليمي ادارن، سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ جنسي هراسان ڪرڻ جا واقعا پڻ جاري آهن،ان لاءِ مضبوط رپورٽنگ سسٽم، شفاف جوابدهي ۽ حفاظتي تربيت لازمي آهي،بيان ۾ چيو ويو ته قيد ٿيل پاڪستاني ۽ ڀارتي ماهيگيرن کي انساني وقار سان رکيو وڃي، قانوني مدد ڏني وڃي، منصفاڻي طريقي سان وطن واپس موٽايو وڃي ۽ کين بنا جواز قيد ڪرڻ کان محفوظ رکيو وڃي