حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) حيدرآباد روشن خيال فورم(حرف) پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ نامياري ليکڪ ظفر جوڻيجو پاران سائين جي ايم سيد تي ترتيب ڏنل انگريزي ڪتاب دي سن آف سنڌ(The Sun Of Sindh) تي ٿيل اڀياسي ويهڪ ۾ سائين جي ايم سيد جي زندگي، سياست ۽ لکيڻين بابت ڳالهه ٻول ڪئي وئي. اڀياسي ويهڪ ۾ ليکڪ ظفر جوڻيجو ڳالهائيندي چيو ته ڪتاب پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جو رجحان گهٽيو آهي. هن چيو ته ڪتاب لکڻ جو مقصد هر ماڻهو کي باخبر ڪرڻ، پاڻ سوچڻ ۽ سمجهڻ آهي، انگلش ۾ سائين جي ايم سيد تي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، جن ۾ ابراهيم جويو جو ڪم پڻ شامل آهي. سائين جي ايم اهو واحد سياستدان آهي جنهن چئن نسلن کي متاثر ڪيو آهي. جي ايم سيد فائونڊيشن جي روح روان ڊاڪٽر ضياءِ شاهه چيو ته جي ايم سيد فائونڊيشن جو بنياد 1995ع ۾ رکيو ويو، جنهن جي پهرين چيئرپرسن جيجي درشهوار هئي، فائونڊيشن جو مقصد سائين جي ايم سيد جو اڻ ڇپيل ڪم جيڪو ڇپجي نه سگهيو آهي ان کي ڇپرائڻ هو. هن چيو ته 1995ع کان پوءِ جي جنريشن سائين کي ڏٺو ۽ نه ئي ٻڌو آهي، نئين نسل جي نوجوانن لاءِ سائين جي ايم سيد کي پڙهڻ ضروري آهي. هن چيو ته جي ايم سيد سياست جي شروعات 1937ع ڪئي. جنهن زمينون گروي ڏيڻ خلاف آواز اٿاريو. هن چيو ته علامه آئي آئي قاضي به جي ايم سيد کي تعليم ڏني. ايلسا قاضي به نم جي وڻ وارو ڪتاب سن مان ئي کڻي لکيو آهي. جي ايم سيد حيدرآباد ۾ مرزا قليج بيگ جي نگهداشت ۾ پڻ رهيو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته سائين جي ايم سيد جي هڪ آتم ڪٿا اچڻ گهرجي ها جيڪا نه اچي سگهي آهي. هي ڪتاب ڪنهن حد تائين اها کوٽ پوري ڪري ٿو. سنڌ ۾ سياست کي سمجهڻ لاءِ قومي تحريڪ کي سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته جي ايم سيد هڪ خودار انسان هو. قومي تحريڪ مڊل ڪلاس کان ٺهندي آهي. سنڌ اڳ ۾ مڪمل جاگيردارن جي قبضي ۾ هئي. جنهن کي انگريزن اڳتي وڌايو. برصغير ۾ جي ايم سيد کي قومي تحريڪ نه ملي هن پنهنجي سياست جي شروعات زيرو کان شروع ڪئي. هن چيو ته جي ايم سيد پاڪستان جي قرارداد کي منظور ڪري جيڪا وڏي غلطي ڪئي ان کي مڃيون ٿا پر سندس بعد واري ڪردار تي به ڳالهايو وڃي. جي ايم سيد سنڌ جا سورما ۽ پيغام لطيف ڪتاب لکي جديد قومپرستي جو بنياد رکيا. جي ايم سيد قومي تحريڪ جو ورثو ٺاهي ڏئي ويو. جي ايم سيد چيو ته هشو ڪيولراماڻي سندس استاد هو. هشو به لکيو ته جي ايم سيد سندس استاد هو. جديد قوم پرستي يا تبديلي لاءِ سيڪيولر آزاد خيالي ضروري آهي. يورپ به سيڪيولرزم سان تبديلي آندي. هن چيو ته جاگرافي بابت منهنجو چٽو موقف آهي. جي ايم سيد حق خوداردايت جو حامي هو. جي ايم سيد ايم آر ڊي جي مخالفت ان ڪري ڪئي ته اها تحريڪ 1973ع جي آئين جي بحالي لاءِ هئي. 1973ع جي آئين ۾ هڪ قوم لکيل آهي. ايم ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ چهرن جي تبديلي جي ڳاله پئي ٿي، جن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ رت ڏنو پوءِ انهن جون قربانيون وڪيون ويون. جڏهن پ پ اقتدر ۾ آئي ته اسحاق خان جهڙو ماڻهو صدر ٿيو. هن چيو ته سائين جي ايم سيد وڏي پائي جو ماڻهو هو،جڏهن گانڌي تحريڪ شروع ڪئي ته ان ۾ تمام وڏي تعداد ۾ ماڻهو جڙي چڪا هئا، پر سنڌ ان وقت به جاگيردارن جي جڪڙ ۾ هئي جي ايم سيد واحد ماڻهو هو جنهن انهن خلاف جدوجهد ڪئي. هن چيو ته جديد قوم جو تصور جديد سيڪيولر کان سواءِ نٿو ٿي سگهي، سيڪيولرزم تي سائين جي ايم سيد کان وڌيڪ ڪنهن ڪم به نه ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن سنڌ مزاحمت ڪري پئي ته اهو سائين جي ايم سيد جو فڪر آهي. جيڪڏهن قومي تحريڪ کي سمجهڻو آهي ته سائين جي ايم کي سمجهڻو پوندو، سائين جي ايم هميشه جاگيرداري خلاف رهيو. تاريخ جو وڏو ماڻهو سمجهو ويندڙ ڊاڪٽر مبارڪ چيو ته دنيا ۾ تاريخ حڪومتي نقطه نگاهه سان لکي ويندي هئي، پر سائين جي ايم سيد اهو واحد ماڻهو هو جنهن تاريخ عوامي نقطه نگاهه سان لکي. سائين جي ايم سيد اسڪولن ۾ يونيفام پائڻ جي ڳالهه ڪري اهو فرق ختم ڪيو ته ڪيو ته ڪير هندو آ ڪير مسلمان، اسڪولن ۾ ميوزڪ جي ڳالهه هاڻ ڪئي ٿي وڃي پر سائين جي ايم سيد ان وقت اسڪولن ۾ ميوزڪ جي ڪلاس هلرايا. عوامي ورڪز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهو چيو ته رياست سائين جي ايم سيد تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي اجازت به نٿي ڏئي سگهي، سائين جي ايم کان سنڌ جا ٽي نسل متاثر ٿيل آهن، سائين جي ايم سيد جديد قومپرستي جو باني هجڻ سان گڏ هن هاري ڪميٽي جو بنياد رکيو. جنهن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙن پناهه ورتي. سنڌ تاريخ ۾ هميشه مزاحمت ڪئي آهي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي ايم آر ڊي جي تحريڪ بابت سخت پاليسي رهي، جيڪا درست نه هئي، پر سائين جي ايم سيد جون غلطيون آهن، پر سندس سنڌ لاءِ ڪم ۽ ڪردار وڏو آهي. نامياري دانشور جعفر احمد چيو ته اڳ حيدر بخش جتوئي بابت لکيل ڪتاب وڪرو نه ٿيو، پوءِ اهو ڪتاب آمريڪا ۾ جي ايم سيد ميموريل ڪميٽي ڇپرايو. جنهن لاءِ مواد خادم سومرو ۽ منصور قادر جوڻيجو ڏنو. ليکڪ مجيد چانڊيو چيو ته جي ايم سيد هتي مذهبي توڙي سيڪيولر طبقي جي نشاني تي رهيو آهي. جي ايم سيد جي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان ويجهڙائپ هئي، پر هو ان جو ميمبر نه ٿيو هو. هن چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي ۾ جيڪي به غلطيون ڪيون اهي پاڻ ئي لکيون آهن. صحافي علي احمد رند چيو ته جي ايم سيد تمام وڏو غير معمولي ماڻهو هو. ڪجهه ماڻهو چون ٿا سائين جي ايم سيد سياستدان طور ناڪام هو، پر انهن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سائين جي ايم اسمبلي ۾ 8 ميمبر هوندي به ون يونٽ خلاف قرارداد پاس ڪرائي. جيڪا تمام وڏي ڳالهه هئي. حرف جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته جي ايم سيد جي تعريف ۽ تقرير بدران اسان کي هن وقت سنڌ تي آيل ڏکين حالتن مان ڪڍڻ لاءِ جي ايم سيد جي ڏنل فڪر کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ نقصان دانش ڏنو آهي. دانشور ڪجهه نٿا ڏين. هن وقت اسان کي ٻڌايو وڃي ته سٺي قومپرست سياست ڪير ڪري رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ ظفر جوڻيجو به آخر ۾ جي ايم سيد جي تعريف ڪئي آهي. جيڪڏهن ليکڪ ئي ڪتاب ۾ ڪو دڳ ڏيڻ بدران رڳو تعريف ڪئي آهي ته پوءِ ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نٿو بچي. هن چيو ته سائين ايم تاريخ جو وڏو ماڻهو آهي. سندس وڏو پورهيو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اڃا وڌيڪ ضرورت آهي.