ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سپر هاءِ وي ذڪريه گوٺ جي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر سبب هڪ موٽرسائيڪل سوار حياتي وڃائي ويٺو۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، ملير پوليس جي ترجمان موجب ڊمپر هڪ موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر هنيو جنهن ۾ هڪ شخص شاهد موقعي تي ئي دم ڏنو، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ سهيل طور ڪئي وئي، ملير ڪينٽ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ڊمپر ڊرائيور فضل کي گرفتار ڪري ڇڏيو ۽ ڊمپر کي به پنهنجي قبضه ۾ ورتو، پوليس وڌيڪ جاچ جاري رکي آهي ته حادثي جا اصل سبب معلوم ڪري سگهجن.
ڊمپر حادثو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ تي لياقت محسود عدالت مان فرار
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ڊمپر حادثي ۽ فائرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود ۽ سندس گارڊ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ لياقت محسود عدالت مان فرار ٿي ويو، جڏهن ته سندس گارڊ جي گرفتاري لاءِ پوليس کي حڪم جاري ڪيا ويا، جوابدار اڳواٽ عبوري ضمانت حاصل ڪري رکي آهي، عدالت لياقت محسود جي عبوري ضمانت رد ڪندي کيس ڪيس ۾ سڌي طرح ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، فيصلو ٻڌائيندي عدالت چيو ته موجود ثبوتن موجب جوابدار جي گارڊن واقعي واري هنڌ تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي، عدالت موجب هي رڳو گوڙ نه پر سنگين ڏوهه آهي، جنهن تي دهشتگردي جا قلم لڳن ٿا،جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته وڊيو ثبوتن ۾ لياقت محسود جي ساٿي کي هٿيار سان فائرنگ ڪندي صاف ڏسي سگهجي ٿو،جوابدار جو موقف هو ته وٽس هوم ڊپارٽمينٽ جو جاري ڪيل هٿيار جو پرمٽ موجود آهي، پر رڪارڊ موجب اهو پرمٽ صرف هڪ سال لاءِ هو ۽ آڪٽوبر ۾ ختم ٿي چڪو هو، يعني واقعي واري ڏينهن هٿيار غيرقانوني هو.