شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور ۾ پي پي جي بااثر ميونسپل چيئرمين ۽ سندس گارڊن خلاف وڪيل مٿان حملي جو ڪيس داخل نه ٿيو زخمي ٿيل وڪيل جي طبعيت ۾ سڌارو نه آيو، ڊاڪٽرن پاران علاج لاءِ ڪراچي کڻي وڃڻ جي صلاح ڏني وئي، واقعي خلاف وڪيلن طرفان عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ چئيرمين خلاف بار ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميونسپل ملازم به پاڻ کي بليڊ جا نشان ڏئي ٿاڻي کان علاج جو ليٽر کڻي اسپتال پھتو سي ايم او پاران وڪيل خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جون تياريون، ميونسپل چئيرمين سردار زاده محمود شيخ ۽ ان جي گارڊن جي حملي ۾ زخمي ٿيل وڪيل امجد شيخ جي سکر جي نجي اسپتال ۾ حالت بددستور ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي کيس چيلھه ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڊاڪٽرن پاران وڌيڪ علاج لاءِ وارثن کي ڪراچي کڻي وڃڻ جو مشورو ڏنو آهي وارثن پاران کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.جڏهن ته زخمي ٿيل وڪيل امجد شيخ جو ڀاء شير محمد شيخ ساڳي وارڊ مان پي پي جو ڪائونسلر آھي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ميونسپل چئيرمين فياض محمود شيخ خلاف ڪجهھ عرصو اڳ ڪائونسلر ۽ چيئرمين ۾ فيس بڪ تي پوسٽ شيئر ڪرڻ تان اختلاف ٿيا جنھن کانپوء چيئرمين پاران سندس ڀاءُ کي وارڊ جي صفائي لاء ڏنل ڀنگي ۽ ٻيو صفائي وارو عملو واپس ورتو ويو ھو جنھن کانپوء وڪيل جي ڀاءُ ۽ چيئرمين ۾ ڇڪتاڻ پڻ ھلندڙ ھئي ،هوڏانهن چيئرمين ۽ وڪيل جي جھيڙي بعد ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين فياض محمود شيخ جو تعلق سرداري گھراڻي سان ھجڻ ڪري شيخ برادري پڻ مونجھاري جو شڪار آھي ڪجھ سال اڳ به بااثر شخصيت جي گارڊن ساڳي علاقي ويجھو ڏوھارين جي پٺڀرائي ڪرڻ جي ڳالھ تان ھڪ نوجوان راڻو شيخ کي قتل ڪيو ھو تازو وڪيل مٿان حملي بعد شھر جي تعليم يافتہ شيخ ڪميونٽي جي ماڻھن ۾ خوف حراس ڦھلجي ويو آهي،جڏهن ته سي ايم او عابد لطيف راجپوت اڄ شام جو چئين وڳي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو جنھن ۾ ھو وڪيل کي زخمي ڪرڻ واري مامري سميت ميونسپل ڪاميٽي جي زخمي ٿيل ملازم بابت صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندو سي ايم او پاران وڪيل مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ چيئرمين جي حڪم تي ڪوششون ھلندڙ آھن عوامي آواز پاران سي ايم او سان بار بار رابطن باوجود رابطو نه ٿيو آھي