حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجيٽ کان هٽي خرچن جي آڊٽ جو شرط مڃي ورتو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي درخواست تي ضمني گرانٽس جي خاص آڊٽ جو شرط مڃي ورتو. ضمني گرانٽ هڪ واڌو رقم يا فنڊ آهي جيڪو حڪومت پنهنجي اڳوڻي  منظور ٿيل بجيٽ کانسواءِ ڪنهن خاص مقصد يا غير امڪاني خرچ لاءِ جاري ڪري ٿي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف ٽيڪنيڪل مشن ٻن ڏينهن جي اجلاس ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم سان بجيٽ عمل جي مقصدن جي عملدرآمد جو جائزو ورتو. ڏهه ڏينهن جي ڳالهين دوران پبلڪ فنانس مئنيجمينٽ ۽ بجيٽنگ ۾ تبديلين جي مقصدن تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا. حڪومت جي معاشي ٽيم ايندڙ بجيٽ کان اڳ پبلڪ فنانس مئنيجمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن تي اتفاق ڪيو ته جيئن بجيٽ عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي. ٽيڪنيڪل مشن ٽيڪس پاليسي، بجيٽنگ ۽ پبلڪ فنانس مئنيجمينٽ ۾ اهم تبديلين تي پڻ بحث ڪيو. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جو وفد بجيٽ لاءِ اهم تجويزون ڏيڻ کان پوءِ روانو ٿي ويو. ناڻي واري وزارت ايندڙ مهيني تائين آءِ ايم ايف کي آخري تجويزون پيش ڪندي. ذريعن موجب، غور هيٺ تجويزن ۾ پبلڪ فنانس مئنيجمينٽ ڊجيٽلائيزڊ پلان جي جوڙجڪ، ان جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي جي قيام، بجيٽ جي تياري جي سڀني مرحلن ۾ اي-آفيس ۽ اي-پيڊ جو استعمال، ڊيٽا جي تضاد کي ختم ڪرڻ، وزارتن سان صلاح مشوري ۾ اضافو ۽ نئين ڊيٽا جي بنياد تي بجيٽنگ شامل آهن. ان کانسواءِ ٽيڪنيڪل مشن ايندڙ بجيٽ لاءِ ٽيڪس پاليسي ۾ اهم تبديلين جي تجويزن تي پڻ بحث ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.