پي ٽي آءِ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت درخواست وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت ڌانڌلي جي الزامن جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس امين الدين 5 رڪني لارجر بينچ جوڙي ڇڏي، جيڪا 25 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس عامر فاروق 5 رڪني لارجر بينچ جي سربراهي ڪندو، سلمان اڪرم راجا چونڊ ڌانڌلي جي انڪوائري بابت ٽربيونل جوڙڻ لاءِ رابطو ڪيو هو.
تحريڪ انصاف ٽربيونل جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، 27هين ترميم کانپوءِ تحريڪ انصاف جي درخواست کي آئيني عدالت ٽرانسفر ڪيو ويو.
بينچ ۾ جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.