اسلام آباد (بيورو) پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهي هميشه قانون جي حڪمراني، عدليا جي آزادي، ادارن جي مضبوطي ۽ پاڪستان جي آئين جي پاسداري لاءِ بيٺا رهيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه سياسي ڌڙا پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني برادري ۾ ورهاست ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهي عنصر اڪثر ڪري اهڙا بيان جاري ڪندا آهن جن جو مقصد ملڪ جي جمهوري نظام کي نقصان پهچائڻ هوندو آهي. پڌرائي موجب، اڻ چونڊيل ماڻهن جي اهڙي بيانن جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي، جلد اهي ناڪام ٿيندا. بيان ۾ 27 هين آئيني ترميم ذريعي آئيني عدالت جي قيام جي حمايت کي به ورجايو ويو آهي. هن ترميم تحت، آئيني ۽ سياسي معاملن کي صوبن جي برابر نمائندگي سان ڳنڍيو ويندو، جنهن سان عوامي ڪيسن کي سپريم ڪورٽ ۾ وقت سر شيڊول ۽ فيصلا ٿيندا. پڌرائي موجب، هو ججن جي مقرري سميت ٻين عملن تي نظر رکندا، ضرورت پوڻ تي خدشا جنرل هائوسن جي فيصلن ۽ ٺهرائن ذريعي ظاهر ڪيا ويندا.