پي ٽي آءِ ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪري وري غلطي ڪئي؟

لاهور(امداد سومرو) صدر آصف علي زرداري ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي، ۽ پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي، جنهن جو فيصلو اڄ ٿيندو.جڏهن ته عمران خان صاحب طرفان ڪيل هڪ سياسي چال، يا هڪ اھڙو فيصلو، جنهن مسلم ليگ نون لاءِ سمورا  در کولي ڇڏيا، ان جو ڊگهي عرصي ۾ نقصان پي ٽي آءِ کي ٿيندو۔ عمران خان اڄ ٿيندڙ ضمني چونڊ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي،قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اصل ۾ ته سڀ کان وڏي پارٽي هئي، پر مخصوص سيٽن جو معاملو، ۽ پوءِ بلدياتي نشان وڃائڻ، انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ، وغيره سبب سيٽون وڃايون ويون.پوءِ 9 مئي جا ڪيس آيا، جن ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز نااهل ٿيا، ۽ انهن جي سيٽن تي ضمني چونڊن جو اعلان ٿيو۔هاڻي ڪل 13 تڪن  ۾ ضمني چونڊون ٿي رهيون آهن، جن مان 6 قومي اسمبلي جا تڪ آهن، ۽ انهن مان 5 پنجاب جا آهن۔ پيپلز پارٽي به انهن تڪن  ۾ اميدوار نه بيهاريا، ڇو⁠ته کين خبر آهي ته پنجاب ۾ نون ليگ کي هارائڻ تقريباً ناممڪن آهي، اصل ۾ سسٽم کان ٻاهر نڪري سياسي جنگ نٿي وڙهي سگهجي، جيئن بينظير ڀٽو 1997 ۾ صرف 16 سيٽون وٺي به سسٽم مان ٻاهر نه نڪتي، ۽ چئي ڏنو ته ”جيڪو جڳهه ملي آهي، ان مان وڙهنديس“۔ٻئي پاسي  28هين ترميم ايندي ته پوءِ وري نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ سخت ڇڪتاڻ ٿيندي، جيڪا مستقبل ۾ اتحاد کي ختم ڪري ڇڏيندي،افواهه آهن ته صدر زرداري ناراض ٿي دبئي ويو آهي پر هاڻوڪي سفر جو 18هين ترميم يا اين ايف سي سان ڪو لاڳاپو ناهي، ڇو⁠ته اڃا ڊرافٽ ئي تيار ناهي ٿيو۔اصل ۾ صدر زرداري پنهنجي نياڻي بختاور ۽ ڏوهٽثن وٽ گهڻو وقت گذاريندو آهي،

قومي اسيمبلي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 تڪن تي اڄ ننڍي چونڊ

اسلام آباد/لاهور/پشاور (م ڊ) قومي اسيمبلي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 تڪن تي ضمني چونڊون اڄ ٿينديون. قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 18 هري پور، اين اي 129 لاهور، اين اي 143 ساهيوال، اين اي 185 ڊي جي خان، اين اي 96 فيصل آباد ۽ اين اي 104 فيصل آباد ۾ ووٽنگ ٿيندي. صوبائي اسيمبلي جي تڪن پي پي 98، پي پي 115 ۽ پي پي 116، پي پي 73 سرگوڌا، پي پي 87 ميانوالي، پي پي 203 ساهيوال ۽ پي پي 269 مظفرڳڙهه ۾ ووٽنگ ٿيندي. تڪن تي چونڊ سامان پهچايو ويو، 20 هزار کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا. 2792 پولنگ اسٽيشنن مان 408 انتهائي حساس 1032 حساس قرار ڏنيون ويون. اليڪشن ڪميشن چونڊ ڊيوٽي دوران پاڪستان آرمي ۽ سول آرمڊ فورسز لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو. پوليس پهريون، سول آرمڊ فورسز ٻيون ۽ پاڪ آرمي ٽيون ريسپانڊر هوندي، فوج حساس ترين پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر ڪئي ويندي.   پي ٽي آءِ پاران هري پور ۾ عمر ايوب ۽ لاهور ۾ ميان اظهر جي خالي ٿيل سيٽ تي پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن جڏهن ته ٻين سيٽن تي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي سلمان اڪرم راجا جو الزام آهي ته لاهور ۾ چونڊن کان اڳ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.