فيض حميد جي ڌيءُ جا جنرلن سان رابطا

اسلام آباد(فخر دراني)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل 30 سيپٽمبر تي مڪمل ٿيو،جنهن کانپوءِ دفاع پاران 90 گواهن جا نالا پيش ڪيا ويا،جن مان 40 گواهن جنرل(ر)فيض حميد سان ملاقات لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي،انهن 40 گواهن مان به ٽن ماڻهن جنرل(ر)فيض حميد سان ملاقات ڪئي ۽ هن جي حق ۾ گواهي ڏني جن ۾ ٻه جنرل ۽ هڪ برگيڊيئر هو،افواهه هئا ته جنرل آصف غفور ۽ جنرل باجوا گواهه هئا پر اهي ٻئي جنرل گواهن ۾ شامل نه هئا،فوجي عدالت واضح ڪيو هو ته گواهن کي اسان پاران ڪو به سمن جاري نه ڪيو ويندو اهو ڪم جنرل(ر)فيض جي وڪيلن جي ٽيم کي پاڻ ڪرڻو هو جنهن بعد جنرل فيض جي ٽيم انهن گواهن سان رابطا ڪيا،ان ۾ طئي ٿيو ته جنرل فيض حميد جو خاندان ئي انهن گواهن سان رابطا ڪندو،جنرل فيض حميد جي ڌيءُ ۽ گهرواري جنرلن سان رابطا ڪيا ۽ انهن کي مدد جي درخواست ڪئي انهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به شامل هوذريعن موجب جن به جنرلن سان رابطا ڪيا ويا انهن جنرل فيض سان ملاقات تي راضپو ظاهر ڪيو پر جڏهن وقت آيو ته رڳو ٽي ماڻهو فيض حميد سان مليا ۽ هن جي حق ۾ گواهي ڏني جڏهن ته قانوني ٽيم عدالت کي آگاهه ڪيو آهي ته گواهن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ اسان جي گواهن کي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو،اڪثريت دٻاءُ سبب گواهي لاءِ ان ڪري نه آئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.