ڪراچي (رپورٽر) صوبائي صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڊينگي سبب هڪ ٻيو ماڻهو فوت ٿي ويو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ 77 نوان ڊينگي مريض داخل ٿيا آهن، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 54 نوان مريض شامل آهن، صوبائي سطح تي ڊينگي جا مجموعي مريض 109 ٿي ويا آهن، جنهن ۾ ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 32 ۽ حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 28 نوان مريض شامل آهن، سڄي سنڌ جي سرڪاري ۽ نجي ليبارٽريز ۾ 4101 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 449 جا نتيجا مثبت آيا. ڪراچي جي ليبارٽريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 215 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صحت کاتو عوام کي خبردار ڪيو آهي ته ڊينگي کان بچڻ لاءِ احتياط جا قدم کنيا وڃن.