ججن جي ٽرانسفر وارو ڪيس آئيني عدالت ۾ مقرر ڪرڻ وارو قدم چئلينج

اسلام آباد (بيورو) ججن جي ٽرانسفر جي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي انٽرا ڪورٽ اپيل وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. ججن ڪيس کي سپريم ڪورٽ کان آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ کي چئلينج ڪيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 27 هين آئيني ترميم جي بنياد تي اپيل منتقل ڪرڻ آئين جي بنيادي ڍانچي جي خلاف آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو اختيار اهڙن ڪيسن ۾ برقرار رهڻ گهرجي. آئيني عدالت هاڻي فيصلو ڪندي ته اپيل پاڻ ٻڌي يا ڪيس کي سپريم ڪورٽ ڏانهن واپس موڪليو وڃي. درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني،  جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان،  جسٽس سمن رفت امتياز ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري طرفان داخل ڪئي وئي. هي ڪيس ٻين هاءِڪورٽن مان ٽن ججن جي وفاقي راڄڌاني ۾ بدلي بابت آهي.  سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قرار ڏنو هو ته بدليون غير آئيني نه آهن، 5 ججن فيصلي کي چئلينج ڪندي انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي. هاڻي اها انٽرا ڪورٽ اپيل وفاقي آئيني عدالت ۾ مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا 27هين آئيني ترميم تحت قائم ڪئي وئي ۽ 24 نومبر تي ٻي ٿيڻي آهي. متفرق درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن وفاقي آئيني عدالت کي اپيل واپس سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي استدعا ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته اهو معاملو آئيني طور تي سپريم ڪورٽ جي اختيار ۾ اچي ٿو.  ججن جو موقف هو ته جيتوڻيڪ پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم جو اختيار آهي، پر ان اختيار کي عدليا جي خاتمي، نئين سر جوڙجڪ، ان جي بنيادي حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي ڇو ته عدليا آئيني ڍانچي جو بنيادي حصو آهي. اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جنهن ۾ جسٽس حسن رضوي، جسٽس باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه شامل آهن. ججن سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي جنهن ۾ اسلام آباد جي ججن جي منتقلي کي صحيح قرار ڏنو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.