اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير جي تبديلي جو معاملو ميڊيا ۾ گرم بحث بڻيل آهي، ان صورتحال بعد بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي نجي دوري تي دبئي پهچي ويو، سرفراز بگٽي دبئي ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي، ذريعن موجب صدر آصف زرداري کان ملاقات لاءِ وقت پڻ گهريو ويو، پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري سرفراز بگٽي سان فوري ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز بگٽي ملاقات لاءِ ڪجهه ڏينهن دبئي ۾ ئي قيام ڪندو، پيپلز پارٽي بلوچستان جي ناراض ايم پي ايز پڻ وڏي وزير بابت پنهنجا خدشا صدر آصف علي زرداري کي پهچائي ڇڏيا آهن،