فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ ڪيميڪل فيڪٽري جو بوائلر ڦاٽڻ سبب چئن ٻارن سميت 20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، 10 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون به ڪري پيون، فيصل آباد جي علائقي ملڪ پور ۾ قائم ڪيميڪل فيڪٽري ۾ بوائلر ڦاٽڻ سان فيڪٽري ۾ باهه ڀڙڪي پئي، ڌماڪي سبب ويجهو موجود 9 گهرن جون ڇتيون به زمين بوس ٿي ويون، ريسڪيو ٽيمن فيڪٽري ۽ ڀرپاسي جي گهرن جي ملبي مان چار ٻارن ۽ عورتن سميت 13 لاش ڪڍيا، جڏهن ته 20 زخمين کي الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 10 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جهڙي ٻڌائي پئي وڃي، پوليس موجب فيڪٽري مئنيجر بلال کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فيڪٽري جو مالڪ قيصر چغتائي واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، فيڪٽري سانحي بعد مقامي رهواسين آباد علائقي ۾ فيڪٽري قائم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري فيڪٽري مالڪن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، انسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور هدايت ڪئي ته ريسڪيو 1122، فائر بريگيڊ ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪيو وڃي، واضح رهي ته گذريل سال اپريل ۾ به فيصل آباد جي هڪ ٽيڪسٽائل مل ۾ اسٽيم بوائلر ڦاٽڻ سبب هڪ درجن مزدور زخمي ٿي پيا هئا، جنهن سان فيڪٽري ۾ باهه لڳي هئي ۽ هڪ هال جي ڇت به متاثر ٿي هئي، جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ايف آءِ آر موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 10 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.